صحت جي بنيادي سھولتن کان محروم ڪوھستان

0
42
صحت جي بنيادي سھولتن کان محروم ڪوھستان

محال ڪوھستان جيڪو تعلقي ٿاڻو بولا خان جو وڏو حصو آھي، ڄامشوري ضلعي جو ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو تعلقو آھي. هي علائقو بلوچستان جي بارڊر کان وٺي ملير ضلعي جي حدن تائين پکڙيل آھي. ان تعلقي ۾ ست يونين ڪائونسلون ۽ 28 ديھون شامل آھن. ڪوھستان معدني وسيلن سان مالا مال آھي ۽ صنعتي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھي، پر هن علائقي جا ماڻهو اڄ به صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آھن.ڪوھستان ۾ قدرتي وسيلن جي ڪا به کوٽ ناهي. هتي موجود معدني وسيلن مان نه رڳو مقامي معيشت پر سڄي ملڪ جي معيشت کي فائدو ملي ٿو. علائقي ۾ ڪوئلي جا ذخيرا، ريتي بجري, سليڪا، ڳاڙھي مٽي,  لائيم اسٽون، ماربل ۽ ٻيون قيمتي معدنيات وڏي مقدار ۾ موجود آھن، جن کي مختلف ڪمپنيون ڪڍي وڏو منافعو ڪمائي رهيون آھن ۽ سنڌ حڪومت ساليانو اربين روپيا رائلٽي وصول ڪري ٿي. ان کان سواءِ، نوري آباد انڊسٽريل زون ڪوھستان جي سرزمين تي واقع آھي، جتي سوين فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آھن، جيڪي هزارين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪن ٿيون. پاور سيمينٽ فيڪٽري، لڪي سيمينٽ، ۽ ٻيا وڏا صنعتي ادارا پڻ هن علائقي ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. ان سان گڏ، هزارين ايڪڙن تي بحريا ٽائون ڪراچي 2 پڻ هتي لانچ ٿي چڪو آھي، جيڪو مستقبل ۾ هڪ وڏو رهائشي ۽ تجارتي منصوبو بڻجڻ وارو آھي. جيڪڏهن ڪوھستان جي هنن سڀني صنعتي ادارن کي گڏ ڪيو وڃي ته انهن وٽ ڪافي وسيلا موجود آھن، جيڪي سي ايس آر (ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبيلٽي) فنڊ مان هن علائقي لاءِ معياري صحت جون سهولتون مهيا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي ادارا گڏجي انڊس اسپتال جهڙو طبي ادارو قائم ڪن، ته ڪوھستان جي لکين ماڻهن لاءِ بھترين سهولتون مهيا ٿي سگهن ٿيون.

تعلقه اسپتال ٿاڻو بولا خان: هڪ ناڪام ادارو

هن وڏي ۽ وسيلن سان ڀرپور علائقي لاءِ تعلقي اسپتال ٿاڻو بولا خان ئي واحد وڏي بڻيل آھي. هن اسپتال ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي، نتيجي ۾ مريضن کي ڪراچي يا حيدرآباد وڃڻو پوي ٿو. ويم ۽ سي-سيڪشن آپريشن جون سهولتون موجود نه آھن، جنهن سبب ڪيترين ئي عورتن کي اسپتال پهچڻ کان اڳ رستي ۾ ئي زندگي وڃائڻي پوي ٿي. دوائن جي شديد کوٽ آھي، عام بيمارين لاءِ به دوائون دستياب ناهن، جيتوڻيڪ اسپتال لاءِ ساليانو ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکيل آھي. ايمرجنسي لاءِ زندگي بچائڻ واريون دوائون، جيئن ته اينجيسڊ ٽيبليٽ ۽ نمڪول جون پڙيون توڙي ڊرپ به موجود ناهن. رات جي وقت اسٽاف نه هئڻ سبب ايمرجنسي حالتن ۾ مريضن کي ڪنهن به قسم جي مدد نٿي ملي.

بنيادي صحت مرڪزن ۽ ڊسپينسرين جي ناڪامي

ٿاڻو احمد خان، ٿاڻو عارب خان، ڪرچات، تونگ، ٽڪو بارڻ، ڳوٺ علي مراد باريجو، مول، سري، وليداد جوکيو ۽ ڌماچ ۾ پي پي ايڇ آءِ جي تعاون سان بنيادي صحت مرڪز ۽ ڊسپينسريون قائم ڪيون ويون آھن، پر اهي به غير فعال بڻيل آھن. انهن مرڪزن تي دوائن جي کوٽ عام معاملو آھي. جيڪڏھن ڪي دوائون  آھن ته اهي غير معياري هونديون آھن، جن جو مريضن تي ڪو خاص اثر نٿو ٿئي. مڊوائيف/ نرسون صرف نارمل ڊليوري تائين محدود آھن، پيچيده ڪيسن لاءِ ڪو به انتظام موجود ناهي نتيجي ۾ مريضن کي ٻين شھرن جي اسپتالن ڏانھن موڪليو ويندو آھي.

نوري آباد جي 30 بيڊ اسپتال: هڪ بغير سھولتن جي عمارت

ايم نائين موٽروي تي قائم نوري آباد جي 30 بيڊ اسپتال پڻ مڪمل طور تي بي لاڀ بڻيل آھي. هن اسپتال جي عظيم الشان عمارت سالن کان ٺهيل آھي، پر هينئر تائين SNE منظور نه ٿي سگهي آھي. روزانو موٽروي تي ٿيندڙ حادثن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿين ٿا، پر اسپتال غير فعال هجڻ سبب ڪوبه علاج نه ٿي سگهي ٿو. حڪومت جي لاپرواهي ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي جو ان کان وڏو ٻيو ثبوت ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!

ڪوھستان ۾ غربت، بيماريون ۽ غذائي کوٽ

رپورٽن موجب، ڪوھستان جي 30 سيڪڙي کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آھي. ڪمائڻ جا موقعا محدود هئڻ سبب هزارين ماڻهو بک بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آھن. غذائي کوٽ سبب عورتون ۽ ٻار مختلف بيمارين جو شڪار آھن. گهٽ وزن سان پيدا ٿيندڙ ٻارن جو انگ ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آھي. حمل دوران مناسب خوراڪ نه ملڻ سبب ڪيترين ئي عورتن جي زندگي داءُ تي لڳل آھي.

سياسي ڌرين جي نااهلي ۽ سي ايس آر فنڊ جو صحيح استعمال نه ٿيڻ

جيئن ته ڪوھستان صنعتي سرگرمين جو مرڪز آھي، هتي سي ايس آر فنڊ جو صحيح استعمال ٿي سگهي ٿو. پر سياسي ڌرين جي لاپرواهي سبب هن اهم اشو کي نظرانداز ڪيو ويو آھي. جيڪڏهن ڪوھستان جي سمورن صنعتي ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي سي ايس آر فنڊ مان هڪ وڏي اسپتال قائم ڪن ته هي مسئلو مستقل طور تي حل ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان بحريا ٽائون، سيمينٽ فيڪٽرين ۽ ٻين صنعتي ادارن کي پابند بڻائڻ ضروري آھي ته اهي پنهنجي سماجي ذميواريون نڀائين. ڪوھستان، جيڪو ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ اهم علائقو آھي، پر افسوس اهو آهي ته، هتي جي عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون ميسر نه آھن. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ڪوھستان ۾ صحت جي مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. ڪوھستان جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اھم ذميواري آھي تعلقي ٿاڻو بولا خان جي اسپتال کي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي. نوري آباد جي اسپتال کي فوري طور فنڪشنل بڻايو وڃي. بنيادي صحت مرڪزن ۾ معياري دوائون مهيا ڪيون وڃن. سي ايس آر فنڊ کي استعمال ڪندي ڪوھستان ۾ انڊس اسپتال جهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهي قدم نه کنيا ويا، ته ڪوھستان جا لکين ماڻهو هميشه صحت جي سهولتن کان محروم رهندا، ۽ هن وسيلن سان مالا مال علائقي جا ماڻهو تڪليفن مان گذرندا رهندا. هاڻ وقت اچي ويو آھي ته ڪوھستان جي عوام جي صحت لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي عوام کي پنھنجن بنيادي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کپي!