ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ۾ ڀيل برادري جي ماڻهن پاران صحت جون سهولتون نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڀلجي ڀيل، ڪانجي ڀيل،ساجن ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن  جي کوٽ آهي، اسپتال ۾ گائناڪالاجسٽ مقرر ٿيل ناهي، جنهن سبب ٻين شهرن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.