شهدادڪوٽ(رپورٽر) شهدادڪوٽ اسپتال بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف انوکو احتجاج ڪندي ريلي ۾ رڍون ساڻ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج دوران رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھ ٿيا” پڻ لکيو ويو، ان موقعي تي ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، آصف مگسي، فيض بروهي، ذوالفقار مگسي، معتبر چانڊيو، شبير مگسي، نصير سيلرو، انور مغل، طارق سيلرو، اسد سولنگي ۽ ٻين چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڪابه سھولت ميسر ناهي، دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي. الٽرا سائونڊ، ايڪسري مشين ۽ رت جي مختلف چڪاس جي سھولت ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جي جاچ ڪرائي اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.