خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي خانگي اسڪول ۽ ڪاليجز خيرپور ڪيمپس ۾ نئين عمارت جي افتتاحي تقريب ۽ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊي ايس پي سٽي فراز ميتلو ۽ سول جج فاروق ميتلو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيمپس جي ڊائريڪٽر عمر ايدن ۽ پرنسپل بينامن ميسح اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سائنسي پراجيڪٽس جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جيڪي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جي توجه جو مرڪز بڻيل هئا، ان موقعي تي فراز ميتلو، عمر ايدن ۽ بينامن مسيح خطاب ڪندي چيو ته 2 سال اڳ اسڪول جي عمارت زبون هئي جيڪا شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت عملي لاءِ محفوظ نه هئي جنهنڪري اسڪول جي عمارت نئين سِر تعمير ڪرائي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بهتر ماحول فراهم ڪيو آهي، هنن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ٻه قومون هڪ مستقل جي مشن تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، هنن چيو ته اهڙيون سرگرميون تخليقي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪنديون آهن ۽ شاگردن ۾ مقابلي جو جذبو وڌندو آهي. سائنسي نمائشون سائنس جي علم ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، آخر ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام ڏنا ويا.