ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ان ڏس ۾ دادو جي ڊپٽي ڪمشنر فياض راهوجو جي موڪل تي وڃڻ بعد اي ڊي سي ون دادو صفدر ميراڻي کي ڊي سي دادو جي اضافي چارج سونپي وئي آهي. اهڙي طرح ايڪسائيز کاتي جي ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر شير محمد شيخ کي هٽائي ايڪسائيز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هوڏانهن صحت واري نگران وزير سان جھيڙي ۾ رھندڙ صحت کاتي جي سيڪريٽري منصور عباس رضوي نيٺ بدلي ٿي ويو،  کيس محتسب آفيس ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته پاپوليشن کاتي جو سيڪريٽري  ريحان بلوچ صحت کاتي جو سيڪريٽري ٿي ويو، هوڏانهن  گھروکاتي ۾ جيلن بابت اسپيشل سيڪريٽري  طور ڪم ڪندڙ جلال مھر کي راندين واري کاتي ۾ سيڪريٽري  مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته  راندين واري کاتي مان عبدالھادي بلو کي بدلي ڪري پاپوليشن کاتي ۾ سيڪريٽري   مقرر ڪيو ويو