باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي شھر صحبت پور مان ھڪ ڏينھن اڳ اغوا ٿيل معصوم نينگر ڪرشن ڪمار بازياب، صحبت پور جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾  هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ستن ورھين جي ڪرشن ڪمار ولد راجيش ڪمار کي 12 ڪلاڪن بعد ھٿياربند گھر ٻاھران ڇڏي فرار ٿي ويا،ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن، 2 ڏينھن اڳ پوليس بگٽي برادري جي ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪيو ھو نوجوانن جي آزادي بعد ٻالڪ کي آزاد ڪيو ويو.هوڏانهن پوليس موجب ھٿياربندن مغوي ڪرشن ڪمار کي پوليس جي پريشر بعد گھر اڳيان ڇڏي فرار ٿي ويا.