احمدپور (ن پ ا) صحافي معصوم سنديلو جي ڀاءُ مٿان حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، سنديلا برادري ۽ صحافين جو احتجاج. رپورٽ موجب سينئر صحافي معصوم سنديلو جي ننڍي ڀاءُ ذيشان سنديلو مٿان قاتلاڻي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف گذريل ڏينهن عبدالقيوم سنديلو، عبدالخالق، معصوم سنديلو، عبدالرزاق ڪلھوڙو، مصطفيٰ سومرو، خواجه نسيم الدين جي اڳواڻيءَ مظاهرو ۽ نعريبازي ڪئي وئي. صحافين ۽ سنديلا برادريءَ جي نيڪ مردن احتجاج ڪندي چيو ته علائقي جي بااثر سراج لاکي ھڪ ھفتو اڳ پنهنجا لاٺڙيا ساڻ ڪري ذيشان سنديلو مٿان سڌا فائر ڪيا. نوجوان معجزاڻي طور بچي ويو. واقعي بعد جوابدارن خلاف احمدپور ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو پر پوليس مک جوابدار سراج لاکو کي چريو قرار ڏئي گرفتار نه ڪيو آهي. جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ھنن جو چوڻ هو ته جوابدار چريو نه بلڪه بااثر شخص ۽ مڪاني چونڊن جو اميدوار به آهي. ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ڄاڻايل بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري صحافي معصوم سنديلو ۽ سندس ڀاءُ ذيشان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.