اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق صحافي مطيع الله جان جي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر رياست علي آزاد، ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه عدالت آڏو پيش ٿيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد جي وڪيل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته ايف آءِ آر ۾ آئس جي خريد ۽ وڪري جو ڪو به ذڪر نه آهي، عدالت جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪندي چيو ته مطيع الله جان کي هاڻي عدالتي رمانڊ تي تصور ڪيو وڃي، گذريل ڏينهن پوليس مطيع الله جان جي گرفتاري ظاهر ڪندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو هو، عدالت ٻن ڏينهنجي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو.