راڻيپور (ن پ ا) هنڱورجا واسي ڊاڪٽر محمد معشوق سولنگي چيو آهي ته صحافي فياض سولنگي ۽ سندس وڪيل ڀاءُ اشتياق سولنگي زمين تي قبضو ڪيو آھي، اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، پنهنجي اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچائي اسان جي گهرن مٿان پوليس چڙهائي ڪرائي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صحافي فياض سولنگي 2022ع کان اسان تي زمين تي قبضو ڪيو آهي، اسان خلاف وڏي پروپيگنڊا ڪئي وئي، ان جو سمورو ڪردار سندس ڀاءُ وڪيل اشتياق سولنگي ادا ڪيو، اغوا جو ڊرامو به سندس ڀاءُ ئي ڪرايو آهي، جنهن جو مقصد اسان خلاف ڪارروائي ڪرائڻ هو، هن چيو ته صحافي ۽ وڪيل جا چاچا مظهر، صالح، يعقوب سولنگي پراڻا ڪرمنل ماڻھو آھن جن مٿان راڻيپور، هنڱورجا ۽ سوڀوديرو ٿاڻن تي اغوا، ڦرن ۽ زمين تي قبضن جا 15 ڪيس داخل ٿيل آهن، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ڊرامي باز ڀائرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.