گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ جي مقامي ھال ۾ شهيد صحافي عاشق منگي جي 15 ورسي جي تقريب ٿي، تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، جسقم اڳواڻ، صحافين،اديبن،شاعرن،استادن،شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيد احمد فواد شاهه، سجاد حيدر شاھ، ملهير پاتو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، اڪبر شاهاڻي، ان شفقت خان، صفدر سهتو، سڪندر جوڻيجو، الھداد اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهيد هيمشه زندهه هوندا آهن، شهيد صحافي عاشق علي منگي هميشه حق سچ لکيو، حق سچ لکڻ تي شهادت ملي، هنن چيو ته ڪيس جي پوئواري ڪرڻ تي سندس وڏي ڀاءُ کي به شهيد ڪيو ويو، هنن چيو ته شهيد صحافي عاشق منگي مظلوم ماڻهن جو آواز هو، جنهن کي حق سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو. ورسي تقريب ۾ شهيد صحافي جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهري وئي ۽ تصوير اڳيان گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.