ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري شھر مان چار ڏينھن اڳ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي اسڪرپٽ ايڊيٽر سرمد سھارڻ جو گم ٿيل ڀائيٽيو اسد علي سھارڻ ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تان بيهوش ۽ مرڻينگ حالت ۾ هٿ آيو آهي جنھن کي علاج بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ڄامشوري واسي نائين درجي جو شاگرد اسد سھارڻ گذريل چار ڏينھن اڳ گھر جي ڀاڄي وٺڻ لاءِ نڪتو ته واپس نه وريو هيو سندس گھڻي ڳولا ڪئي وئي جنھن بعد نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪوئيٽا مان سرياب روڊ تان ليويز پوليس ھٿ ڪري شالڪوٽ پوليس حوالي ڪيو جن کيس ڪوئيٽا جي شيخ زيد اسپتال ۾ داخل ڪرائي وارثن کي اطلاع ڏنو وارثن شالڪوٽ پھچي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد ننڍڙو وصول ڪيو رستن جي بندش سبب نوجوان کي ڪوئيٽا مان جھاز وسيلي ڪراچي آڻي ڄامشورو گھر پھچايو ويو متاثر نوجوان ٻڌايو آهي ته مونکي ٻن ڄڻن ريلو اسٽيشن ڀرسان مسجد وٽ روڪي ريل جي اچڻ جو وقت پڇيو ۽ انهي دوران رومال ڏئي بيهوش ڪيو ويو هوش آيو ته آئون ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ ھئيس ٻئي پاسي متاثر نوجوان جي وارثن پاران کيس انساني اسمگلنگ تحت اغوا ڪري کڻي وڃڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ويو آهي صحافي سرمد سھارڻ ٻڌايو ته نوجوان کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ انساني اسمگلنگ تحت منتقل ڪيو پئي ويو پر سندن ڪو منصوبو ناڪام ٿيو ۽ اسد کي مئل سمجھي روڊ تي اڇلائي ويا آهن جنھن جي صاف شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.