ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ فريادين پاران آءِ او کي  ڏنل نالا ڪيس ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف وارثن نبي بخش شر، رياض شر، نظيران، شاھانا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري 8 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، مظاھرين چيو ته ٺري ميرواھ پوليس جو جاچ آفيسر توڙي جي آءِ ٽي ۾ شامل عملدار اسان سان ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھن، ڪيس م نامزد جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري اسان جو خون لوڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته اي ڊي شر جي قتل ۾ اڳوڻو ايس ايچ او ديدار ابڙو به ملوث آھي، اسان ڪيس ۾ جوابدار منصور اعواڻ  جي ڀاءُ قمر اعواڻ جو نالو شامل ڪرائڻ چاھيون ٿا پر پوليس نالو شامل نٿي ڪري، ھنن ا گھر ڪئي ته صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، بعد ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر لياقت شينو مظاھرين وٽ پھچي انصاف جي خاطري ڪرائي جلد رھيل جوابدار گرفتار ڪرڻ جو واعدو ڪيو، جنھن بعد مظاھرين 8 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڦل ۾ نوشهروفيروز صحافي اتحاد پاران مک قاتل جي جلد گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.