اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اڄ ۽ سڀاڻي پاڪستاني ۽ عالمي ميڊيا لاءِ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي دوري جو بندوبست ڪيو آهي. ايل او سي جي دوري جو مقصد ڀارت جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪرڻ آهي. ڀارت پاڪستان ۾ نام نهاد ۽ خيالي دهشتگرد ڪيمپس جي حوالي سان پروپيگنڊ ڪندو رهندو آهي. ڀارت ڪيترائي ڀيرا ايل او سي سان گڏ مبينا دهشتگرد ٺڪاڻن بابت بي بنياد ۽ ڪوڙيون دعوائون ڪيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي نمائندن کي مخصوص جڏهن تي زميني حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو. جن کي ڀارت دهشتگرد ڪيمپس طور پيش ڪيو آهي، ميڊيا جي نمائندن کي مخصوص هنڌن تي زميني حقيقتن بابت آگاهه ڪيو ويندو، پاڪستان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ دهشتگردي يا دهشتگردي وارين سرگرمين کي رد ڪري ٿو، پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.