اٽلي (انٽريسٽنگ نيوز) جديد ٽيڪنالاجي آرٽيفشنل انٽيليجنس جي مدد سام ٺاهيل هڪ مڪمل اخبار شايع ڪئي وئي آهي، اٽلي جي هڪ اداري طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته موجوده دور جي تقاضائن موجب جديد ٽيڪنالاجي آرٽيفشنل انٽيليجنس جي مدد سان اخبار تيار ڪري شايع ڪئي وئي آهي، فوگليو نالي اخبار شايع ڪرڻ جو مقصد هن موجوده دور جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي، 4 صفحن تي مشتمل اخبار اي آئي ايڊيشن کي 18 مارچ تي آن لائين عام دڪانن تي وڪرو ڪيو آهي، اخبار جي ايڊيٽر ڪريسا جي مطابق دنيا ۾ شايع ٿيندڙ اخبار ۾ هي پهرين اي آئي جي مدد سان تيار ٿيل اخبار آهي، هن ٻڌايو ته اخبار ۾ تحريرون، سرخيون ۽ ٻيون شيون اي آئي جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي، هي تجربو ان وقت ڪيو ويو آهي ته سڄِي دنيا ۾ ميڊيا جي ادارن جي طرفان ڏٺو پيو وڃي ته ڪهڙي طريقي سان اهڙي ٽيڪنالاجي ٻين ادارن ۾ متعارف ڪرايوويندو، اخبار جي پهرين صفحي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي باري ۾ هڪ اسٽوري پڻ شايع ٿيل هئي ۽ روس جي صدر بابت پڻ هڪ خبر شايع ٿيل هئي، جڏهن ته اٽلي جي معيشيت جي باري ۾ اسٽوري شايع ڪئي وئي هئي، اخبار جي ٻين صفحن تي پڻ خبرون پڻ شايع ٿيل هيون،

جيڪي بلڪل سادي طريقي سان موجود هيون جنهن ۾ ڪا به غلطي نظر نه پئي اچي، آخري صفحي تي اي آئي جي مدد سان ايڊيٽر جي طرفان عوام جا خط پڻ شايع ڪيا ويا، اخبار جي ايڊيٽر مطابق فوگليو هڪ حقيقي اخبارآهي، هن اخبار شايع ڪرڻ جو مقصد مستقبل ۾ هي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ آهي.