ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد شاھه سچ جي ڳولا ۾ جانيون قربان ڪندڙ صحافين کي آزادي صحافت جو هيرو قرار ڏيندي چيو آهي ته صحافين تي حملا عالمي جمهوريت لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته “اظهار راءِ جي آزادي پاڪستان ۾ آئيني حق آهي.” هن صحافين تي زور ڀريو ته هو سنسني خيزي يا ريٽنگز لاءِ افواهه پکيڙڻ کان پاسو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين کي مڪمل آزادي ڏني آهي، حڪومت پاران ڪنهن به صحافي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سنڌو مان نڪرندڙ ڪئنالن واري مامري جو ذڪر ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت خلاف ڪيتريون ئي ڪوڙيون خبرون شايع ٿيون. وڏي وزير صحافين کي همتايو ته اهي مثبت ترقيءَ خاص طور تي ڪراچي جي بهتر منظرن کي اجاگر ڪن . هن چيو ته سنڌ جا صحافي ملڪ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ ۽ آزاد آهن.