حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران 3 مئي صحافت جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان، اظھار جي آزادي تي پابندين جو منظر ۽ پسمنظر، جي عنوان ھيٺ گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب جي ھال ۾ مذاڪرو منعقد ڪيو ويو. جنھن جي صدارت پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي وقتي صدر خالد کوکر ڪئي. خالد کوکر صدارتي خطاب ڪندي چيو ته پيڪا آرڊيننس پھريان نواز شريف جي دؤر ۾ آيو. ان بعد عمران خان جي حڪومت ۾ وڌيڪ سخت ترميم سان آندو ويو ته ان وقت موجوده وزيراعظم شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين سياسي پارٽين جا اڳواڻ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ھائوس آڏو پي ايف يو جي جي ملگير احتجاجي ڪئمپ تي يڪجھتي ڪرڻ آيا ۽ اھو وعدو ڪيو ته اقتدار ۾ اچڻ بعد اھو ڪارو قانون ختم ڪندا پر جڏھن آھي، اقتدار ۾ آيا ته انھن پھريان کان وڌيڪ ترميمون ڪري سخت پيڪا ايڪٽ پاس ڪري ڇڏيو. جيڪو اسان کي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي.  ھن چيو ته پي ايف يو جي پيڪا ايڪٽ خلاف ملگير تحريڪ ھلائي رھي آھي. اھڙي ڪاري قانون کي آڻڻ جو مقصد رڳو صحافين جو نه پر سڄي سماج جي آواز کي دٻائڻ آھي. ملڪ جي نامياري تجزيي نگار ۽ سينيئر صحافي مظھر عباس ڪراچي مان ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونين آف جرنلسٽس پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو بنياد رکندڙ آھي. پي ايف يو جي صرف نالو نه پر ھڪ وڏي تاريخ جي تحريڪ آھي. اسان اڄ به مطالبو ڪيون ٿا ته شھيد صحافي جان محمد مھر سميت ٻين شھيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته اظھار ۽ فڪر جي آزادي جنھن سماج ۾ نه ھوندو اھو سماج جيئرو نه رھندو. ھن چيو ته ھن ملڪ کي ايجنٽ ۽ دلال ھلائي رھيا آھن. ملڪ جي وزيراعظم کان ويندي پارليامينٽ تائين کي بجلي، گئس ۽ تيل جا اگھ طئه ڪرڻ جو به اختيار نه آھي. ھي رياست آزاد ماڻھن جي رياست ناھي. ملڪ کي ھلائيندڙ اصل قوتن پھريان ھائيبرڊ جمھوريت آندي وئي آھي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو ته جيئن گڏيل ھندوستان جي زماني ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي ۾ انگريز سامراج قبضو ڪري اقتداري نظام پنھنجي مرضيءَ سان ھلائي عوام جو استحصال ڪيو ھو. ورھاڱي کانپوءِ تيئن ظاھر ڪرڻ بنا آءِ ايس ايف سي ڪمپني ھن ملڪ تي ڪنٽرول ڪري ورتو. اھا ڪمپني گذريل 75 سالن کان پنھنجي مرضي جي ڏنل آئين، جمھوريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ ڪندي  عوام جي بنيادي حقن جو استحصال ڪري رھي آھي. ملڪ ۾ حقيقي صحافت کي  ھڪ طرف رياست، ٻئي طرف ميڊيا مالڪن ۽ ٽئين طرف سيڙپڪارن تمام وڏو نقصان رسايو آھي. ميڊيا مالڪ ۽ سيڙپڪار ڪمپني سرڪار جي آڏو گوڏا کوڙي ويٺل آھن. جن پاڻ خوف ۾ اچي صحافت تي پاڻ ئي سيلف سينسر شپ لاڳو ڪري ڇڏي آھي. ھن چيو ته ماضي ۾ صحافت ھڪ مضبوط مورچو ھوندو ھو ۽ ھاڻ ٻٻرلوءِ تحريڪ کانپوء وڪيل مضبوط مورچو ٿي سامھون آيا آھن. سنڌ ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عشرت لوھار چيو ته صحافت سچ ۽ مظلوم محڪومن جو آواز آھي. قلم سمورن ھٿيارن کان طاقتور آھي. ھن چيو ته صحافي وٽ قلم جي اھا طاقت آھي. جنھن سان اھو ھر ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪي سگھي ٿو. ھن چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي بعد وک وک تي ماڻھن اسان جا ھٿ چميا. سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تاريخ ۽ تھذيب آھي. ان لاءِ اسان پرامن ويڙھه وڙھياسين. ھن چيو ته 2007ع واري وڪيل تحريڪ ھلائڻ سان آمر مشرف کي وردي لاھڻي پئي. جڏھن ته ھاڻ تازو سنڌو درياھ تي ڪئنالن خلاف ثابت قدم جدوجھد جي نتيجي ۾ حڪومت ڪئنال منصوبا ختم ڪري نوٽيفڪيشن ھٿ ۾ اچي ڏنو. اھا ڪامياب تحريڪ ثابت ٿي. عامر وڙائچ پنجابي آھي پر ان سنڌو درياھ جو نعرو ھنيو ته سنڌ ان جي سڏ کي ورنايو. اسان کي پنھنجو عمل ۽ ڪردار درست ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته وڪيل برادري 15 ڏينھن کانپوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ هلائيندي، ان ۾ اسان جو سڀئي ڌريون ساٿ ڏين. اھا جنگ اسان سڀني جي جنگ آھي. جيڪا اسان سڀني کي گڏجي وڙھڻي ۽ کٽڻي آھي. ايچ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيي چيو ته صحافي صحافت جي آزادي سان گڏ ھن سڄي سماج جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪري ٿو. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت شاھ چيو ته جيستائين قلم ۽ سوچ آزاد نه ھوندي تيستائين قوم به آزاد نه ھوندي. ھن چيو ته جڏھن يورپ اونداھي ۾ ھو ان وقت سنڌ ۾ سوشلسٽ جو نعرو لڳو ھو. پي ايف يو جي جي ميمبر ايف اي سي اقبال ملاح چيو ته جڏھن ضياءِ جي مارشل لا جبر پئي ڪيو ته صحافين به پنھنجي مزاحمت کي جاري رکندي جيل ڀريو تحريڪ ھلائي ۽ ڪوڙا کاڌا پر صحافت جي آزاديء تان ھٿ نه کنيو. ھن  چيو ته سڄو اقتداري نظام صحافت تي پابنديون مڙھڻ چاھي ٿو پر قلم ڌڻي ڪڏھن به اظھار راء جي آزادي تي راتاھو ھڻڻ نه ڏيندا. ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي اڳواڻ مريم شيخ چيو ته حڪومت ھميشه ھر دؤر ۾ عوام جي زبان جي تالابندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي. پيڪا ايڪٽ کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا. اھو قانون انسان جي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪري ٿو. سماجي اڳواڻ سبين جاويد چيو ته صحافي  معاشري خرابين ۽ سٺاين کي پيش ڪن ٿا. صحافت اڄ به ڏکئي دؤر مان گذري رھي آھي. صحافين کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ آندو ويو آھي. جيڪو صحافين سميت ھر عام ماڻھو جي مٿان تلوار لٽڪائي ٻيٺو آھي. ان ڪاري قانون کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. جڏھن ته مذاڪري کي بدين جي سينيئر صحافي ۽ ايڇ يو جي جي اڳواڻ حاجي خالد محمود گھمڻ، ايچ يو جي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عرفان برفت، ايچ يو جي مٽياري يونٽ جي صدر الطاف ميمڻ خطاب ڪيو. مذاڪري ۾ آيل مھمانن کي  ايڇ يو جي جي صدر وسيم خان آجياڻو ڏنو ۽ ڪارروائي ايچ يو جي جي جنرل سيڪريٽري فريد لاکي ھلائي. جڏھن ته مذاڪري ۾ ايچ يو جي جي سينيئر اڳواڻ جئي پرڪاش موراڻي پيڪا ايڪٽ بابت پنھنجي  پريزنٽيشن پيش ڪئي.