ڪراچي (نمائندن وٽان) صحافت جي عالمي ڏينهن تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قلم ڌڻين ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا. ان موقعي تي ملڪ ۾ صحافت مڙهيل اعلانيل توڙي اڻ اعلانيل پابندين، پيڪا ايڪٽ ۽ صحافين جي قتل جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي پيڪا ايڪٽ کيف فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ نوابشاهه ۾ صحافين پاران شهيد ٿيندڙ صحافين جي ياد ۾ شمع روشن ڪري خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو، جڏهن ته صحافت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان مختلف تقريبون منعقد ٿيون، ڦل ۾ صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان پريس ڪلب جي صحافين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوآدم ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران راڻا گلزار، فرقان، اسلام ٿهيم، تاجو چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي، ٽنڊي محمد خان ۾ پريس ڪلب طرفان صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پريس ڪلب جي صدر رمضان شورو ، جنرل سيڪريٽري مظفر رند ، پريس ڪلب گورننگ باڊي جي چيئرمين غلام نبي ڪيريو ، سينئر صحافي عبدالڪريم شيخ ، امتياز مڱريو ، ذوالفقار چانڊيو ، عبدالحفيظ ميمڻ ، غلام قادر شورو ، انصار خان ، ساحل اياز  ۽ ٻينجي اڳواڻي ۾  شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ پيڪا آرڊيننس خلاف احتجاج  ڪيو ويو.  جهنڊومري جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو سومرو ۽ شاداب پبلڪ اسڪول ۾  سالياني رزلٽ جي موقعي تي  صحافت جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان تقريبون ٿي ھيڊ ماسترن رياض عمراڻي  علي ڀخش عاقلاڻي سجاد حسين ميرجت جاويد عاقلاڻي  ۽ ٻين صحافت جي عالمي ڏھاڙي تي شھيد صحافين جي لاءِ حڪومت کان انصاف جو مطالبو ڪيو.  نصيرآباد ۾ جرنلسٽس فورم پاران صدر راجا  لاشاري، حسين بخش جت، عبدالمجيدبرھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نيوسعيدآباد  ۾ صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان يونين آف جرنلسٽ ورڪرز مٽياري جي صدر عبدالغفور ادا ڀائو محمد قاسم قمبراڻي محمدالدين بلوچ حسين ميمڻ  نظير سولنگي عبدالقادر لاکو سڪندر سمون شوڪت عمراڻي صحبت سهيل راجپوت امام الدين کوسو امجدکوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي صحافين جي قتلام ۽ ناانصافين خلاف دانهيو.  ان موقعي تي شهيد صحافين جان محمد مهر، نصر الله گڏاڻي ۽ بين شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا. قلم ڌڻين مظاهرن کي خطاب ڪندي چيو ته پيڪا ايڪٽ ڪارو قانون آهي، جنهن کي فوري ختم ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا ۾ صحافت ڏکيائين جو شڪار آهي، عوام جو آواز دٻايو پيو وڃي. صحافت معاشري جي ٽين اک آهي، ان کي مشڪلات ۾ وجھندڙ معاشرا ترقي ناهن ڪري سگهندا. اڳواڻن چيو ته معاشي ترقي لاءِ صحافت جي آزادي ضروري آهي، ملڪ جي حڪمرانن کان گھر ٿا ڪيون ته صحافت تي اعلانيل توڙي اڻ اعلانيل سينسر شپ ختم ڪري تڪراري پيڪا ايڪٽ جو خاتمو ڪيو وڃي.