صحافت جو عالمي ڏهاڙو ۽ ملڪ ۾ اظهار جي آزادي

0
43

سڄي دنيا ۾ هر سال 3 مئي تي صحافت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي صحافت جي اهميت اجاگر ڪئي ويندي آهي، روايتي طور تي حڪومتون واعدا ڪنديون آهن، مخالف ڌر جا اڳواڻ حڪومتن جي تنقيد ڪندا آهن. صحافي ٽي وي چينلن تي پروگرام ڪندا آهن ۽ رات جو دير سان جيئن ئي هي ڏينهن ختم ٿيندو آهي ته صحافت جي اهميت سڀني جي سامهون نروار هوندي به پنهنجو پاڻ ئي خاموشي جي چادر پائي سمهي رهندي آهي. رڳو چوٿين دنيا يا ٽين دنيا جو نه پر صحافت هر طبقي جي دنيا جو مسئلو آهي. صحافت جتي غريب ماڻهن جو آواز آهي، جتي مظلوم کي انصاف ڏيارڻ جو سهارو آهي، جتي ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام جي اميد آهي، جتي شاگردن جي شعور جو اظهار آهي، جتي پورهيتن جو سهارو آهي اتي ئي دنيا جي سمورين حڪومتن جي نظر ۾ سڀ کان وڏي دشمن، سمورين اسٽيبلشمنٽس جي ذهن ۾ ملڪ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ جٿو ۽ سمورن سرڪاري ماڻهن جي آڏو مفادن جي حاصلا ت جي راهه جي سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي. جڏهن ته حڪومتن ۽ رياستن کان بغاوت ڪندڙ ڌڙن جي به صحافت تي ڪاوڙ هوندي آهي ته صحافي سندن موقف پيش ناهن ڪندا. انهن تي حڪومت جون پابنديون لڳل هونديون آهن جنهن ڪري خبرون هلائڻ سان حڪومتون ڪاوڙ ڪنديون آهن. ان ڪري ئي صحافت دنيا جو سڀ کان خطرناڪ پيشو بڻجي وئي آهي. ۽ هي شعبو ٻٽي عتاب جو شڪار آهي.
اڄ صحافت جتي دنيا کي تبديل ڪرڻ جي سگهه رکندڙ آهي ته اتي ئي ان تي لڳل پابندين ۽ ان جي طاقت کان ڊڄندڙ قوتن جي نظر ۾ عوام کي بااختيار ۽ باخبر بڻائڻ واري هن جي ذميواري ايتري خطرناڪ بڻجي وئي آهي جو صحافت سان واڳيل ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. ان جون شاهد عالمي تنظيمن جون رپورٽون آهن. عالمي تنظيم انٽرنيشنل پريس انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمراڻي سوچ رکندڙ حڪومتون آزاد ميڊيا کي دٻائي رهيون آهن، سڄي دنيا ۾ پريس تي سفاڪاڻو ۽ ظالماڻو ڪريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال ۾ ته 365 ڏينهن آهن پر دنيا ۾ صحافت جي آزادي جون 635 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون ۽ گذريل هڪ سال دوران گهٽ ۾ گهٽ 49 صحافي قتل ڪيا ويا آهن. ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ 84 ڀڃڪڙيون ٿيون. جڏهن ته ڏکڻ ايشيا جي چئن ملڪن بنگلاديش، ڀارت، پاڪستان ۽ نيپال ۾ 200 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون، انهن ملڪن ۾ 32 صحافي ڪورونا وائرس جي رپورٽنگ ڪرڻ تي گرفتار ڪيا ويا 32 حملا ڪيا ويا ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت مخالف حڪومتن ۾ اهو احساس پيدا ٿي ويو آهي ته هو ميڊيا کي خاموش ڪري سگهن ٿيون. رپورٽ ۾ پاڪستان بابت چيو ويو آهي ته اتي صحافين تي تشدد ڪيو ويندو آهي سعيد ۽ عبدالمتين اچڪزئي تي ايف سي اهلڪارن بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله ۾ تشدد ڪيو.پاڪستان ۾ ٻن صحافين کي حملو ڪري قتل به ڪيو ويو. ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته صحافين کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. دنيا ۾ صحافت جي آزادي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد پڻ جاري آهي جن کي مهذب ملڪن جون حڪومتون عزت به ڏينديون آهن پر اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪا به صورتحال ناهي. هتي صحافين جو جيئن جنجال ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪڏهن پنهنجي ئي ادارن سان ويڙهايو ويندو آهي ته ڪڏهن انهن ادارن جا فنڊ بند ڪري صحافين جو معاشي قتل ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ميڊيا جا اشتهار به ميڊيا کي دشمن سمجهي گهٽايا ويا آهن. هاڻ ته عوام پاڻ به ميڊيا وسيلي ڄاڻ ڏيڻ جا مطالبا ڪري رهيو آهي پر ان تي به ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. صحافين جي خونن، اغوا، تشدد جا ڪيس اجايا وڃي رهيا آهن، ان ڪري اسان جي حڪومت کي گذارش آهي ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي کي برقرار رکيو وڃي، ادارن کي صحافت ۽ صحافين خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي، انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ صحافت تي حملن ۽ هراسان ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. صحافي اجي لالواڻي سميت سمورن شهيد صحافين جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي. اسان ڏکين حالتن، معاشي ۽ مالي مشڪلاتن کي برداشت ڪندي عوام جي ڄاڻ جي حفاظت لاءِ جاکوڙيندڙ صحافين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اميد آهي ته صحافت جو شعبو عوام جي حقن جي ائين ئي حفاظت ڪندو رهندو.