هڪ ڊرامي جي هڪ سين ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته هڪ همراھ جو ڪنهن محڪمي جي هڪ آفيس ۾ معمولي ڪم ڦاٿل هوندو آهي سو هُو روز ان آفيس جا چڪر ڪاٽيندو آهي، آفيس ۾ ويٺل پٽوالي کان ”صاحب“ تائين سڀ هڪٻئي کان چَڙهيل رُوح هوندا آهن. هُو جنهن ڏينهن به آفيس ويندو آهي ته ان کي چيو ويندو آهي ته اوهان سُڀاڻي اچو. روز ويچاري سان اها ويڌن هوندي آهي. هڪ ڏينهن جڏهن هُُو مذڪوره آفيس ۾ ويندو آهي ته اتفاق سان پهريون صاحب بدلي ٿي چڪو هوندو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو صاحب ويٺل هوندو آهي جيڪو وري به اتفاق سان ان جو ڪو پراڻو دوست يا واقفڪار هوندو آهي.. جيڪو کيس کلي کيڪاريندو آهي ۽ پنهنجي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي ويهاريندو آهي.. همراھ پنهنجو قصو ٻيهر نئين صاحب کي ٻڌائيندو آهي، نئون صاحب همراھ جي ڳالھ ٻڌي ڪَن کَرٽڻ ۾ شروع ٿي ويندو آهي ۽ ٿوري بيزاريءَ مان کيس چوندو آهي، يار مان هت نئون آيو آهيان ان لاءِ اوهان سڀاڻي اچو…!
مجبور همراھ جا وري به مٿي تي هٿ اچي ويندا آهن، جڏهن ان کي سندس واقف همراھ به چوندو آهي ته اوهان سڀاڻي اچو.. ائين مجبورهمراھ ان آفيس ۾ جُتيون گسائيندو رهندو آهي مگر ان جي ڪم لاءِ ان کي تاريخ تي تاريخ ڏني ويندي آهي ته” اوهان سڀاڻي اچو“.
سو اسانجي ملڪ جي ادارن جو احوال به گذريل 76 ورهين کان ائين خلق کي تاريخ تي تاريخ ڏيئي رُلائڻ ۽ خُوار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ ناهي. سو سوال اهو آهي ته آخر هيڏن وڏن محڪمن جي هيڏن وڏن سيٽن تي اوهان ڇا لاءِ اچو ٿا؟ ڇا لاءِ ويهو ٿا؟ ڇا اوهان انهن سيٽن تي ويٺل بي جان گُڏا آهيو جن جي ڏور ٻين جي هٿن ۾ آهي؟جيڪي جيئن چاهن اوهان کي نچائي سگهن ٿا ۽ اوهان (ڪامورا، وزير، صلاحڪار ۽ مشير وغيره) وري خلق کي ٿا نچايو.. ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين عام ماڻهوءَ کي ائين صرف رُلايو ۽ ويو آهي. مٿان وري انهن وزيرن جا بهانا ۽ مشورا به اهڙا جو رب پناھ ڏي. جيڪڏن انهن جو پنهنجو ڪو ذاتي ڪم ڪٿي ڦاٿل هجي، ڪنهن مِٽ مائٽ جو ڪم هجي يا جنهن ۾ سندن فائدو هجي ته اهو ڪم منٽن ۾ هڪ ڪال تي ٿي ٿو وڃي مگر عوام جي ڪمن لاءِ ڄڻ ته عام ماڻهوءَ کي صرف آسرن ۾ رکڻ ۽ دلاسن ۾ رکڻ جو قسم کنيو ويو آهي…عام ماڻهوءَ کي هاڻ ته هٿ وٺي اهڙي اونهي ۽ انڌي کوھ ۾ اچليو ويو آهي جتان سندس آواز به ٻاهر ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي… ڀلا جن ڪڏهن اي سي وارن ڪمرن ۽ اي سي وارن گاڏين کان ٻاهر نڪري ڏسڻ ئي گواراه نه ڪيو هجي اُهي بدبُوءِ واري ماحول ۾ رهندڙ خلق جو ڪهڙو وري ڀلو ڪندا.. کين مهانگائي، ظلم ۽ جبر جي چَڪيءَ ۾ پيڙهجڻ جي ڄاڻ ئي نه هجي، جن کي ڪڏهن ڪو ڪوسو واءُ ئي نه لڳو هجي، جيڪي راتين جون ننڊون منجهند تائين سمهي پوريون ڪندا هجن، جن جا بينڪ اڪائونٽ ڀريل هجن، گهر جي ٽجوڙين ۾ سوين ڪلو سون پيو هجي، سندن لگزري گاڏين لاءِ تيل مفت ۾ ملندو هجي، بجلي فري ۾ چو ويھ ڪلاڪ دستياب هجي، تن کي ڪهڙي خبر ته هڪ مسڪين لاءِ هڪ ويلي جو ماني ڳڀو کائڻ ڪيڏو نه اوکو آهي.. هڪ مسڪين جيڪو ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪري تنهن جي ڪنهن ڪاموري کي ڪهڙي خبر (جنهن ڪاموري جي ڪِچن جي گئس به مفت جي هجي!ان ڪاموري کي ڪهڙو احساس!). بي رحم سرڪار ته بس کائي پي وري مٿان ڪنهن شيءِ جي مهانگي ٿيڻ جو آسانيءَ سان اعلان ڪندي آهي، ڀوڳيندو ته وري به عوام آهي.. کنڊ، اَٽو، گيھ، دوائون بجلي،گئس، آبادگارن لاءِ يُوريا ڀاڻ، انٽر نيٽ، فون پيڪيج وغيره ڪيڏا مهانگا ڪيا ويا آهن ڇا سرڪار کي ٿورو ان جو اونو آهي؟ خير ان کي ڇڏيو هي رستن تي روزاني رهزنيون، اغوا، ڦُرون، ڌاڙا، مُغوين تي بي رحماڻي تشدد جا وڊيوز ڇا ٿا ثابت ڪن؟ ڇا هي هڪ مثالي معاشري جي عڪاسي آهي؟ هي ته بدترين اونداهي دور جي عڪاسي آهي، ڏمر ۽ ڏولاون جي گهيري ۾ آيل ملڪ جا ماروئڙا ته ڄڻ زنده هوندي مرده ٿي ويا آهن! جتي رياست کي ماءُ چيو ويو آهي اُت حقيقي مائرون پنهنجن ٻچن کي پنهنجي اکين اڳيان ڪُسندي ڏسن ٿيون.. هر ماڻهو پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيو آهي.. هي ٻِٽا قانون، ٻٽا نظام، ٻِٽا معيار آخر ڇا ڪاڻ آهن.. قانون ۽ انصاف ڪٿي آرامي آهن؟ عدالتون ڪٿي لڳل آهن؟ رکوالن جي هوندي بگهڙ ماڻهو ماريندا وتن ٿا آخر ڇو؟ آخر ڇو هن قوم جي مقدر ۾ صرف محروميون ۽ مايوسيون آهن؟ ماڻهن جي اهڙي حالت ڪئي وئي آهي جو روز روڊ، رستا، قومي شاهراهون بند آهن.. ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي نٽهڻ اُس ۾ روڊن تي نڪري ٿا پون.. مگر پوءِ به ڪو تدارڪ ناهي. ڪو ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ عوام جي درد کي محسوس ڪرڻ وارو ڪونهي.. جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم هلي پيو. ماڻهو آخر اهڙو ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ نا انصافي ڪيستائين برداشت ڪندا رهندا؟ هر سهپ ۽ برداشت جي هڪ حد ٿيندي آهي مگر هتي ته سڀ حدون ئي پار لڳيون پيون آهن.. تازو بجلي جي وڌندڙ اگهن تي پورو ملڪ تپي ۽ ٻري اٿيو.. هڪ ته بجلي لڀي نه ٻيو وري مسلسل اگهن ۾ واڌ، اڳ ۾ ئي مهانگائي ماڻهن جون وايون بتال ڪري رکيون آهن. هاڻ جيڪڏهن هن قوم کي وائڙي ٿيل قوم جو نالو ڏجي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته وائڙائپ کانپوءِ چريائپ جي حد ايندي آهي ۽ اهو ڏينهن به پري ناهي جو سموري قوم فرسٽريشن جي مريض ٿي ويندي.. (يعني چَري ٿي ويندي) هينئر به حالت اها آهي جو جيڪو به جنهن محڪمي، جنهن سيٽ يا جنهن وزارت تي اچي ٿو سو به پهريان ڏوڪڙ ڀري اچي ٿو ته جيئن هُو اُن سِيٽ تي ويهي، پهريان اُهي ڏوڪڙ ڪڍي جيڪي هُو ڀري ان عهدي يا مقام تي پهتو آهي، تنهن کانپوءِ ٻيو ڪم..حالت لڳي پئي آهي سائين، ائين ملڪ جو چرخو گذريل پوڻي صديءَ کان هلايو پيو وڃي! سمورو ملڪ ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيل آهي، اسان مان هر ماڻهو انهن عالمي مالياتي ادارن جو قرضي آهي، وڏا ته ڇڏيو هر نئون ڄمندڙ ٻار به آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جو قرضي ٿي پيدا ٿئي ٿو.. هن ملڪ سان عجيب تماشو آهي، کائي کائي بنا اوڳرائي ڏيڻ جي هر ڪو ٻاهرين ملڪ ڀڄي ٿو وڃي، تنهن کانپوءِ ٻيهر رهيل ڪَسر ڪڍڻ لاءِ ان کائُو قبيلي کي ملڪ تي حڪمراني لاءِ ٻيهر دعوت ڏيئي گهرايو وڃي ٿو ۽ ملڪ کي ڪنهن ڪيڪ وانگي انهن واڳن جي وات ۾ ٻيهر ڏنو وڃي ٿو جيڪي کائڻ جا گُر ڄاڻين ٿا ۽ کين تجربو ۽ خبر آهي ته ڪهڙي اداري ۾کاٽ ڪيئن هڻبو آهي ۽ تيل ڪهڙن تِرن مان نڪرندو؟تازو آئي يم ايف بجلي جي اگهن ۾ رعايت ڏيڻ کان کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي.. مٿان وري وزير موصوفه عوام کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪندي فرمايو آهي ته عوام صبر ڪري ڇو ته صبر جو ميوو مٺو هوندو آهي.. هاڻ ان محترمه کي ڪير سمجهائي ته گذريل 76 ورهين کان عوام کي صبر جو روزو ئي ته رکيل آهي، اها روزي ڪشائي(سَستائي) الائي جي ڪڏهن ٿيندي؟ صبر جو مٺو ميوو عام ماڻهوءَ جي دسرخوان تي الائي جي ڪڏهن سَجي ۽ سَنورجي ايندو؟ ڀاشڻ ڏيڻ سوءَلو آهي، تبليغ ڪرڻ آسان ڳالھ آهي پر خدارا عوام کي ته ڪو رليف ڏيو، عوام جا باقي بچيل پساھ ته ختم نه ڪريو، هاڻ جيڪو ٿيو سو خُُوب ٿيو مگر اڳتي ته مهانگائي جي ان سيلاب کي بند ٻڌو. هاڻ عوام جي صبر جو پئمانو ڇَلڪي چڪو آهي هاڻ ماڻهن کي ثمر(نتيجو) کپي..