اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان عدالت ۾ ڳالهائيندي چيو ته صبح کان باٿ روم به ناهيان ويو، اڄ قوم کي خطاب ڪري پر امن رهڻ جو چوندس. ٻڌڻي بعد عدالتي ڪمري ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان  چيو ته اڄ عوام کي خطاب ڪندس ۽ چوندس ته پر امن رهن.  هن چيو ته عوام کي چوندس هي فوج، هي ملڪ اسان جو پنهنجو آهي.  ليڊر کان سواءِ عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. منهنجي حقيقي آزادي لاءِ جنگ جاري رهندي.  ڇا آئون حقيقي آزادي جي نعري کان پوئتي هٽي ويو آهيان. ان کان اڳ عمران خان عدالت کي ٻڌايو ته صبح کان واشروم به ناهان ويو.