لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي اداڪاره ۽ ماڊل صبا قمر جي هڪ نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا جي مختلف پيجز تي گردش ڪندڙ ان وڊيو ۾ صبا قمر کي سندس ميڪ آرٽسٽ سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو ساڻس محبت جو اظهار ڪري ٿو، ميڪ اپ آرٽسٽ صبا کي مخاطب ڪندي چوي ٿو ته مداح اسان جي اسٽوريز کي ياد ڪري رهيا آهن، هاڻي اوهان اسٽوريز ڇو پوسٽ ناهيو ڪنديون، جنهن تي اداڪاره جواب ڏئي ٿي ته کيس نظر لڳي وئي آهي، ميڪ آرٽسٽ سوشل ميڊيا تي فالو ڪندڙن مداحن کي درخواست ڪري ٿو ته اهي صبا لاءِ دعا ڪن، اها بيمار آهي پر هاڻي پهرين کان بهتر ٿي رهي آهي، ان وڊيو ۾ ميڪ اپ آرٽسٽ کي صبا قمر سان گڏ ايترو بي تڪلف ٿيندو ڏسي سوشل ميڊيا صارفين طرفان اداڪاره کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صبا قمر پنهنجي صحت بابت مداحن کي آگاهه ڪندي ٻڌايو هو ته اها بيمار آهي، کيس دعائن جي ضرورت آهي.