صبا، يونس، تيمور، ثنا ٽالپر ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي جوابدار عمر سرهندي نامزدگي فارم ورتا

0
21
صبا، يونس، تيمور، ثنا ٽالپر ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي جوابدار عمر سرهندي نامزدگي فارم ورتا
صبا، يونس، تيمور، ثنا ٽالپر ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي جوابدار عمر سرهندي نامزدگي فارم ورتا

عمرڪوٽ/ڪنري(نمائندن وٽان) عمرڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 213 تي ضمني چونڊ سلسلي ۾ باقاعده سرگرميون شروع ٿي ويون آھن، ان سلسلي ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻ نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل قومي سيٽ تي 17 اپريل تي ضمني چونڊ ٿيندي، جنھن لاءِ نواب يوسف ٽالپر جي گھر واري صبا ٽالپر سندس پٽ نواب يونس ٽالپر ۽ موجوده پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ سندس گھر واري ثنا ٽالپر پاران ضمني چونڊ لاءِ فارم وصول ڪيا ويا آھن، جڏھن ته جي ڊي اي پاران فقير غلام نبي مڱريو، چوني لعل مالھي ۽ لالچند ڀيل به فارم وصول ڪيا آھن، آر او آفيس عمرڪوٽ مان ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير عمر جان سرھندي به اين اي 213 تي چونڊ وڙھڻ لاءِ فارم وصول ڪندڙن ۾ شامل آھي، اين اي 213 لاءِ ٿيندڙ ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ مقرر ٿيل آر او رجب علي سٺيو جي آفيس مان فارم وصول ڪيا پيا وڃن.