صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ ساجن شنباڻي ۾ پورھيت محمد حنيف شنباڻي جي ڪکائين گهر کي باهه لڳڻ سبب گهر ۾ ستل ٻه معصوم ڀائر 6 سال جو امان الله ۽ 2 سال جو مجد حسين سڙي زخمي ٿي پيا، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال کڻائي ويا، جڏهن ته ڪکائين گهر ۾ پيل سامان ھنڌ، کٽان، ڪپڙا، روڪ رقم، اناج، سونا زيور ۽ ٻيو سامان به مڪمل سڙي رک ٿي ويو. آھي جڏھن ته متاثرين کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مانھجي شنباڻي صحافين کي ٻڌايو ته ڪکائين گھر باھ لڳڻ سبب گهر ۾ ستل امان الله ۽ امجد حسين ستل ھئا جن مان ھڪ معصوم نينگر امان الله ٿڏي تي سڙي فوت ٿي ويو آھي ۽ امجد حسين باهه ۾ سڙي شديد زخمي ٿي پيو آھي، جنھن کي علاج لاءِ سکر نيو ويو آھي ۽ گھر ۽ گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي.