صالح پٽ/بخشاپور (نمائندن وٽان) بخشاپور ويجهو اغوا ٿي ويل صالح پٽ واسي هندو نوجوان بازياب نه ٿيو، وارث صالح پٽ پهتا، گھر ۾ روڄ راڙو، وارث عورتن پاران مندر ۾ پوڄا پاٺ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، مغوي جي چاچي جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو 3 ڏينهن جي مهلت ورتي، ڀنگ لاءِ ڪو به فون ناهي آيو، خبر موجب گذريل ڏينھن بڊاڻي ۾ ڏياري جي ڪيرتن ڪرڻ بعد ڏينھن جو بڊاڻي شھر کان ڪار ۾ صالح پٽ ايندڙ ھندو فيملي کي يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ بعد اغوا ٿيل نوجوا وڪرم کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ڪالهه گردواري ۾ ترسيل مغوي نوجوان جا وارث ڀينرون نڪيتا، انمول، والد ڌنو مل، چاچو لڇمڻ داس مايوس ٿي صالح پٽ پهتو ته گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ نوجوان جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، جڏهن ته سندس ڀينرون روئي روئي بيحال ٿي ويون، مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ سندس امڙ سائتي، ڀينرون ۽ ٻيون عورتن جهولي لال مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪري رھيون آھن، نوجوان جي امڙ سائتي روئيندي ڌاڙيلن کي ٻانھون ٻڌندي جھولي کڻي رب جا واسطا واسطا ڏنا ۽ چيو ته سڄي رات جاڳي گزاريون ٿا، مون کي پنھنجو ٻچو جلدي موٽائي ڏيو، نه ته مان مري وينديس، مغوي جي چاچي ڪنعيا لال چيو ته ڊي آءِ جي اڪيلائي ۾ ملاقات ڪري 3 ڏينهن جي مهلت ورتي آهي، هن چيو ته اغواڪارن پاران اڃا تائين ڀنگ جي لاءِ ڪا به فون ناهي آئي.
سنڌ ۾ ھندن سان ظلم ٿي رهيو آهي، ڪير به محفوظ ناهي: مغوي جو والد
بخشاپور: مغوي جي چاچي ڪنعيا لال ۽ پيءُ ڌنو مل چيو ته سنڌ ۾ اسان ھندن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، اسان گھرن ۽ رستن تي محظوظ نه آھيون، وڪرم کي ھن مھل تائين ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آھي، ڪالھه ڊي آجي لاڙڪاڻو اسان کي آٿت ڏيندي چيو هو ته توھان صرف ٻه ڏينھن اسان کي مھلت ڏيو، پر ڪجهه ناهي ٿيو.
|
هندو برادري ظلم خلاف ڪنهن به صورت چپ نه ويھندي: پنچائت اڳواڻ
صالح پٽ: صالح پٽ جي گردواري ۾ ھندو برادري جو مکي اشوڪ ڪمار ۽ ڪيلاش ڪمار جي اڳواڻي ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس بعد مکي اشوڪ ڪمار صحافين کي ٻڌايو ته اسان سان وڏو ناحق ٿي رهيو آهي، اسان جي فيملي کي يرغمال بڻائي انھن کان ڦر ڪرڻ بعد نوجوان کي اغوا ڪيو ويو، ڊي آءِ جي ٻن ڏينھن جي مھلت ورتي پر ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، هن چيو ته ظلم خلاف ھندو برادري ڪنهن به طرح چپ ڪري نه ويھندي، صالح پٽ سميت سموري سنڌ ۾ شٽربند ھڙتالون ۽ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا، اهو احتجاج نوجوان وڪرم لال جي بازيابي تائين جاري رهندو.
|
سوشل ميڊيا تي پوليس جي آپريشن وارين دعوائن تي سخت تنقيد
بخشاپور: سوشل ميڊيا تي اغوا واقعي بعد پوليس جو ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن واري دعويٰ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي صارفين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن هلي رهيو آهي ته پوءِ روڊن رستن تي قهري ڪارروايون ڪير ڪري رهيو آهي، پوليس آپريشن جي نالي تي اربين رپيا هڙپ ڪرڻ تائين محدود آهي، پوليس پڪٽون ويران بڻيل آهن، عوام جي جان ۽ مال داءُ تي لڳل آهي، جڏهن ته پوليس، چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ حڪومت تماشو ڏسي رهي آهي.
پوليس اغوا واردات بعد ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو: نڪيتا
صالح پٽ: ڏياري جي تقريب ۾ ڌرمي گيت ڳائيندڙ وڪرم جي ساٿي سنگر نڪيتا جو چوڻ آهي ته پوليس اغوا جي واردات بعد ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نڪيتا چيو ته ڌاڙيلن پهريان وڪرم جي والد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وڪرم جي امڙ ۽ ڀينرن جي دانهن تي ڌاڙيلن هن کي ڇڏي وڪرم کي اغوا ڪيو، هن چيو ته پوليس هن وقت تائين وڪرم جي بازيابي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن جون رڳو دعوائون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته نتيجو ڪجهه به ناهي نڪتو.
وڏي عيد ڏياري جون خوشيون به نه ملھائي سگھيا آھيون: ڀيڻ نشا
صالح پٽ: مغوي وڪرم جي ڀيڻ نشا روئيندي چيو ته اسان 2 ڀائر ۽ 2 ڀينرون آھيون، وڪرم اسان جو پيارو ننڊو ڀاءُ آھي، ان جي نه ھجڻ جي ڪري اسان پريشان آھيون، اسان کي سڄو شھر سنسان لڳي ٿو ۽ اسان جي وڏي عيد ڏياري آھي اھي به خوشيون اسان نه ملھائي سگھيا آھيون، رب جي واسطي پنھنجن ٻچڙن جي صدقي اسان جي ڀاءُ کي آزاد ڪيو.
مهمان ٿي آيل جي اغوا تي انتهائي ڏکارا آهيون: بڊاڻي واسي مولچند
بخشاپور: بڊاڻي واسي استاد مولچند چيو ته اسان جي شهر ۾ مهمان ٿي آيل کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اسان وڏا ڏکارا آهيون، هن چيو ته پوليس وٽ وڃو ٿا ته رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن.