صالح پٽ(ن پ ا) ميرپور ماٿيلو جي علائقي ڳوٺ فتح خان بوزدار جي رھواسي ڀورل بوزدار بااثر وياجي جي ظلمن خلاف تعلقي پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته بااثر وياجي کان منھنجي پٽ فرمان علي ھڪ لک 30 ھزار رپيا وياج تي ورتا هئا، جنھن جا ھو اسان کان 5 لک گھري رھيو آھي، اسان مسڪين آھيون 5 لک نه ٿا ڏئي سگھون، رقم نه ڏيڻ تي بااثر وياجي منھنجي قبولي زمين 2 ايڪڙ تي قبضو ڪري ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، ھن ڊي آي جي سکر ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مون سان انصاف ڪري بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي .