صالح پٽ/سنگرار(نمائندن وٽان) صالح پٽ لڳ ڏيتي ليتي تان جهيڙو، جوابدار گوليون ھڻي پنھنجي ڀيڻيوي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ راجا بجاراڻي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙي دوران جوابدار ھاشم جعفري گوليون ھڻي پنھنجي  ڀيڻيوي 35 سالا محرم پٽ گل محمد جعفري کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي صالح پٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي روهڙي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.