صالح پٽ(ن پ ا) صالح پٽ لڳ گھرو اڻبڻت تان  پيءُ پٽ ۾ جھيڙو، ڇڏائڻ آيل پيرسن عورت ڌڪ لڳڻ سبب فوت، خبر موجب ڳوٺ علينواز ڪوري ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان  پيءُ قلندر بخش محمداڻي ۽ پٽ جانب محمداڻي ۾ جھيڙو ٿي پيو، جن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش دوران پيرسن عورت 70 سالا مسمات دريا خاتون ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، پوليس ٻڌايو ته گهنور محمداڻي اطلاع ڏنو ته گھرو اڻبڻت تان پيءُ پٽ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران منھنجي امڙ 70 سالا مسمات دريا خاتون ڇڏائي رھي ھئي ته کيس ڌڪو ڏنائون جيڪا ڀت سان ٽڪرائجي وئي ۽ زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي وئي، پوليس موجب لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.