صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ ملوئي جو رهواسي نوجوان بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. خبر موجب صالح پٽ لڳ ملوئي جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان ڀٽائي ڏنو ولد گلبهار شنباڻي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان ڀٽائي ڏنو شنباڻي ڳوٺ ڀرسان زمين مان جانورن لاءِ گاهه ڪري گهر  اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪِريل بجليءَ جي ڪچي تار ۾ وچڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث صالح پٽ اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.