صالح پٽ(ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان ڪڻڪ جي ناڙ  کي ڏنل باهه اچانڪ ڳوٺ مولا بخش ابوپوٽو ۾ گاهي ابوپوٽو، شهبازڏنو ابوپوٽو، ڪريم ڏنو ابوپوٽو، حيدر بخش ابوپوٽو، عرس ابوپوٽو، شھمير ابوپوٽو سميت يارنهن ڪکائن گهرن کي باھ وڪوڙي وئي، باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان اناج، هنڌ،کٽون، بسترن سميت ٻن نياڻين جو ڏاج به سڙي ويو، جڏھن ته چار ٻڪريون به سڙي مري  ويون، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، باھ متاثرين سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي.