صالح پٽ(ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ ڪاري بڪار گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سهولتن ۽ فرنيچر جي کوٽ ۽ بلڊنگ زبون حال ھجڻ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي سخي ڏنو مڱريو، نور محمد مھر، تاج محمد مڱريو، خدا بخش گبول، محمد پناهه ڦلپوٽو، لال محمد گبول ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي آھي، اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب اسان جا ڪيترائي ٻارڙا پڻ زخمي ٿي چڪا آھن، جڏهن ته در دريون نه آھن، هنن چيو ته اسڪول ۾ 70 کان وڌيڪ شاگرد ۽ نياڻيون تعليم پرائي رھيون آھن، ليڪن اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي ۽ اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت به ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي اسڪول ۾ فرنيچر سان گڏ نئين بلڊنگ ڏني وڃي.