ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انساني اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار صارم برني عدالتي ريمانڊ تي جيل حوالي، ڪالهه ايف آئي اي گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته صارم برني جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري، هڪ سوال جو به درست جواب نه پيو ڏئي، 20 کان وڌيڪ متاثر آهن، انهن بابت نشاندهي ڪرڻي آهي، بينڪن کان جوابدار جي ٽرسٽ بابت معلومات گهري آهي. جاچ آفيسر ۽ ايف آئي اي جي وڪيل عدالت کي چيو ته نينگري حيا کي فيملي ڪورٽ ۾ لاوارث قرار ڏنو ويو، نينگري کي سندس والده مديحه کي وڪرو ڪيو، مديحه وري بشريٰ کي وڪرو ڪيو، صارم برني ٽرسٽ نينگري کي لاوراث ڊڪليئر ڪرايو. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته حيا جي حوالي سان ڪيترا پئسا ورتا ويا. جاچ آفيسر ٻڌايو ته جنهن حيا کي ايڊاپٽ ڪيو، ان کان 3 هزار ڊالر ورتا ويا. جاچ آفيسر چيو ته والدين کي به جاچ ۾ شامل ڪيو آهي. عدالت ايف آئي اي جي جسماني ريمانڊ واري استدعا رد ڪندي صارم برني کي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.