رحيم يار خان (م ڊ) صادق آباد جي خانگي اسپتال ۾ 10 مهينن جي ٻارڙي جي پيٽ ۾ رسولي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو.  ڊاڪٽرن موجب 10 مهينن جي ٻارڙي کي پيٽ ۾ تڪليف تي اسپتال آندو ويو هو، الٽرا سائونڊ ۾ سندس پيٽ ۾ رسولي جي نشاندهي ٿي.ٻارڙي جو آپريشن ڪندڙ چائلڊ سرجن ڊاڪٽر مشتاق احمد ٻڌايو ته جڏهن آپريشن شروع ڪيو ويو ته سڀ ڪجهه نارمل هو، ٻه ڪلاڪ آپريشن کانپوءِ ٻارڙي جي پيٽ مان رسولي ڪڍي ته حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو، ٻارڙي جي پيٽ مان نڪرندڙ رسولي ۾ ٻار هو، مطلب 10 مهينن جي ٻارڙي جي پيٽ ۾ ٻار پرورش ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ان کي طبي اصطلاح ۾ فيٽس ان فيٽو چيو ويندو آهي، اهڙا ڪيس تمام گهٽ سامهون ايندا آهن، پهريون ڀيرو 1945 ۾ اهڙو ڪيس سامهون آيو هو.
ڊاڪٽر مشتاق موجب ٻارڙي جي حالت درست آهي ۽ فيٽس ڪاميابي سان ڪڍي ليبارٽري ۾ تجزيي لاءِ موڪليو ويو آهي، ان جي رپورٽ عالمي ميڊيڪل رسالي ۾ به ڇپرائي ويندي. فيٽس ان فيٽو ڇا آهي؟ اهو هڪ طبي نقص آهي، جنهن کي فيٽس ان فيٽو مطلب جين ۾ جين چيو ويندو آهي. فيٽس ان فيٽو ۾ جاڙن ٻارن جا جين ٺهندا آهن پر هڪ اڻ پورو رهجي ضايع ٿيڻ بدران تندرست ٻار ۾ وڌڻ لڳندو آهي، عام طور تي اهو انساني باقيات جي صورت ۾ صحتمند ٻار جي پيٽ ۾ رهجي ويندو آهي ۽ هڪ حد تائين وڌندو به رهندو آهي. برٽس ميڊيڪل جرنل جي رپورٽ موجب اهڙا ڪيس تمام گهٽ سامهون ايندا آهن، هيل تائين ميڊيڪل سائنس جي تاريخ ۾ دنيا ۾ 200 کان به گهٽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.