بلاوايو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم جي نوجوان اوپنر صائم ايوب زمبابوي خلاف پنهنجي ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي جنهن دوران هن اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. بلاوايو ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي سولائيءَ سان ڏهه وڪيٽن تان شڪست ڏني ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي، صائم ايوب کي شاندار سينچريءَ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. صائم ايوب پنهنجي هڪ ڏينهن واري ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي ۽ ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نوجوان اوپنر ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏيا ۽ 62 بالن تي 113 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ 17 چوڪا ۽ ٽي ڇڪا شامل هئا. اوپنر پنهنجي جارحاڻي اننگز دوران 53 بالن تي سينچري مڪمل ڪري اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ جي ٽِين تيز ترين سينچري جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. شاهد آفريدي 1996ع ۾ نيروبيءَ جي ميدان تي سريلنڪا خلاف 37 بالن تي سينچري اسڪور ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو جيڪو ڪيئي ورهين تائين قائم رهيو. اڳوڻي ڪپتان ٻي تيز ترين سينچري ڀارت خلاف 45 بالن تي ٺاهي، جڏهن ته سندس ٽِين تيز ترين سينچري 53 بالن تي بنگلاديش خلاف هئي.