ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل، اداڪارا ۽ انفلوئنسر ڪشف علي ڪرڪيٽر صائم ايوب سان وائرل ٿيل وڊيو تي ردعمل ڏيندي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ڪشف پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي مداحن کي مخاطب ڪندي لکيو اسان جي ملڪ ۾ ٻيا به کوڙ اهم مسئلا آهن، جن تي ڳالهائڻ گهرجي، پر ميڊيا ۽ عوام ٻئي غير ضروري ڳالهين ۾ دلچسپي وٺن ٿا. هن وڌيڪ چيو هڪ عام وڊيو کي وڏو مسئلو بڻايو ويو آهي، وڊيو ۾ موجود ماڻهو کي اوهان نٿا سڃاڻو، جيئن مون کي به نٿا سڃاڻو، هن چيو ته اِها صورتحال مون لاءِ کِل جوڳي آهي، پر مان ڪجهه نٿي ڪري سگهان، ڇو ته هيءَ عادت اسان جي ملڪ جو حصو بڻجي چڪي آهي. ياد رهي ته صائم ايوب ۽ ڪشف علي جي هڪ وڊيو اولهه لنڊن ۾ وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي لاڳاپن بابت سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙيل آهي. وڊيو ۾ ٻنهي کي گڏجي بالنگ ڪندي، خوشگوار موڊ ۾ ڳالهائيندي ۽ سيلفيون ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن مداحن ۾ تجسس پيدا ڪيو.