ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو جي 71ھين سالگرھ 21 جون تي ملهائي ويندي، ان حوالي سان پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو  آھي ته شھيد بينظير جي سالگرھ  جي موقعي تي چاڪيواڙا ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت پ پ جا مختلف اڳواڻ خطاب ڪندا ڪراچي واري جلسي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڪارڪن شريڪ ٿيندا.