شھزادي علي اڪبر عليه السلام جي قرباني

0
56
شھزادي علي اڪبر عليه السلام جي قرباني

                 عشره محرم الحرام جا ڏينھن گذرندا پيا وڃن يوم عاشور ڏانھن وڌندا پيا وڃن اسان جو ھي مضمون 6 محرم الحرام جو آھي ھي ڏينھن  ھم شڪلِ پيغمبر  شھزادہ علي اڪبر عليه السلام جي شھادت جي مصائب سان منسوب ڪيل آھي.

الله عزوجل جي صفتِ عظيميٰ مان ھڪ صفت عادل ھجڻ آھي . ھي پوري ڪائنات اصل ۾ عدلِ الاھي آھي ھي پورو نظام شمسي واضح ڪري ٿو ته جيڪڏھن ھن ۾ عدل نه ھجي ته ٽٽي پوي ھر گرهه حرڪت ۾ آھي ھڪڙا ساڪن به آھن انھن ۾ آباد به آھن ته ڪي غير آباد به ، ھڪڙن کي پنھنجي روشني آھي ٻيا وري انھن روشن کان روشني وٺن ٿا ڪي وري ھن نعمت کان به محروم آھن نه روشني اٿن نه وري وٺي سگھن ٿا . ھي رات ڏينھن جا ڦيرا ھن گرھن جي ڦيري سبب ٿين ٿا ۽ اُھي ڦيرا به مخصوص تعداد ۾ ھوندا آھن نه گھٽ نه وڌ ! حياتيات جو ڪارڻ روشني ، ھوا ، پاڻي آھي روشني به مخصوص مقدار ۾ گھربل ھوندي آھي ان جو به انتظام قدرت جو ٿيل آھي سج جي روشني سڌي جيئن جو تيئن نٿي اچي ان اڳيان پردو ڏنل آھي. اوزون چيو وڃي ٿو جيڪو سج جي روشني ڪنٽرول ڪري ان مقدار ۾ ڏئي ٿو جنھن کي حياتيات برداشت ڪري سگھي. ھوا جي به مقدار ھجي ٿي وڌي وڃڻ سان آنڌاري ، طوفان بڻجي وڃي ٿو اھڙي طرح پاڻي به پنھنجي مخصوص مقدار ۾  رڪيل آھي جيڪي وڌي ٿو ته تباھي آڻيندڙ بڻجي وڃي ٿو ھي عدلِ خدا آھي .

اھڙي طرح انسان جي وجود کان وٺي ان جي ارتقائي مرحلن تائين مخصوص مدت آھي مطلب ته ھر شيءَ وقت جي پابندي ۾ جڪڙيل آھي .

عدلِ خدا ھي به آھي ته ھو شيءَ مان شيءَ کي وجود ڏئي ٿو ۽ انھن ۾ وري ظاھر ۾ ھڪجھڙائي ھوندي آھي پر اصل نه ھوندي آھي بعض کي بعض تي فضيلت حاصل ھوندي آھي مثال گرهه سڀ آھن پر سج فضليت رکي ٿو ، چنڊ وري ان کان پوءِ فضيلت وارو آھي ھاڻ ان مان ترتيب واراُھي فضيلت وارا آھن جيڪي خدا جون  نعمتون رکن ٿا اھڙي طرح زمين به ھڪجھڙائي واري نه آھي ڪا آباد آھي ڪا بنجر آھي ، ڪا پٿريلي ڪا مٽي واري آھي ڪا وارياسي آھي ھڪ مٺو پاڻي ڏيندڙ ته ڪا وري کارو پاڻي ڏيندڙ آھي ڪٿي ته پاڻي آھي ڪونه ! ڪٿان تيل ملي ٿو ، ڪٿان گيس ملي ٿي ڪٿان ٽامون ، سون چاندي ، پتل ملن ٿا زمين جي ھرخاڪ ، مٽي ھڪجھڙي ناھي  ڪا عظمت واري آھي ته ڪا عظمت واري ناھي اھا جتي ڪعبة الله ، جتي روضه رسول آھي ، جتي  روضه علي مولا آھي جتي روضه  حسين مولا آھي اھا مٽي متبرڪ آھي.

ڪربلا جي مٽي جي عظمت و شرف ڇا آھي ؟ ھن مٽي ۾ الله عزوجل شفا رکي آھي اھڙي شفا جيڪا ھر مرض جي شفا آھي ان ڪري به ته ھي سجدي گاهه انبياءَ آھي ته وري انھن سندن جي انتھا مولا حسين عليه السلام جو سجدو آھي ۽ ھن سجدي ، سجدي جي عظمت کي واضح ڪيو ، حسين مولا سجدي کي اصل روح ڏنو . ڪربلا اھو به پيغام ڏنو ته اولاد کي پنھنجي لاءِ زينت بڻايو انھن جي تربيت اھڙي ھجي جو دين تي وقت اچي ته اولاد اسماعيل عليه السلام جيان صابر ھجي ۽ وري شھزادي علي اڪبر ع جيان شاڪر ھجي.

سردار انبياءَ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا اولاد تسڪينِ دل ھوندي آھي ۽ منھنجي دل جو سڪون حسن ۽ حسين ع آھن. ھڪ مسلم جو پٽ جڏھن صالح ھجي  والدين جي دل جي ڌڙڪن ھوندو آھي.

ڳالھه واضح آھي  جوان پٽ مري وڃي ته پيءَ جو جگر ڦاٽي پوي ٿو .  الله اڪبر ، ان شفاءَ واري مٽي تي ڏھه محرم  جي ڏينھن فرزندِ رسول شبيهه رسول جو الوداعي سلام ٻڌو ته سيني تي ھٿ رکي ويھي رھيو، اکين جي سامھون جيئن دنيا اوندهه ٿي وئي ھجي پوءِ آھستي آھستي اُٿيا عباءَ رسول ڪلھن تي رکي نبي ڪريم ص جو عمامو سر تي رکيو ذوالفقار ھٿ ۾ کنئي  فوجِ يزيد کي ھڪ پاسي ھٽايو،  ذوالجناح تان لٿا ويجھا آيا، پنھنجو ڳل پٽ جي ڳل تي رکيو شايد ان ڪري ته جيئن زندگي ۽ موت جي آخري ساهه کڻڻ وقت آئينو منھن جي سامھون ڏنو ويندو آهي. جيڪڏھن آئيني تي غبار نه اچي ته ايئن سمجھيو ويندو آھي ته ھن فاني دنيا مان ھليو ويو آھي. اھڙي طرح مولا حسين عليه السلام پنھنجو ڳل  جيڪو جمالِ حق جو آئينو ھو پنھنجي پٽ جي ڳل تي رکي معلوم ڪيو ته علي اڪبر پنھنجي نانا رسولِ خدا ص ڏانھن وڃي چڪا آھن ته بي ساخته فرياد ڪيائين

اڪبر تون کان پوءِ دنيا ۾ خاڪ آھي ۽  تاريخ ايئن به لکيو ته ڏھه محرم جي ڏهاڙي اُهو لمحو به آيو جڏهن شهزادو علي اڪبر ع ميدان ڏانهن وڃڻ لڳو ته خيمن ۾ ايئن روڄ راڙو برپا ٿي ويو جيئن رسولِ خدا ص جي برقعو مٽائڻ تي مديني  ۾ روڄ راڙو پئجي ويو هو . ڀلا ايئن ڇونه ٿئي  ها …، علي اڪبر ع به ته رسولِ الله جي شڪل و صورت وارو هو مطلب شبيھه رسول ص هو . 18 سالن جو ڏاڙهي لهندو مولا حسين ع جو لاڏلو پٽ ۽ سانئڻ زينب س جو نازن سان پاليل جڏهن ميدان ڏانهن روانا ٿيا ته ان وقت سندس ننڍڙي ڀيڻ سانئڻ سڪينه س  به الوداع ڪيو ته ھر بيبي به الوداع ڪيو سانئڻ زينب س ۽ امڙ ليليٰ ڪيئن الوداع ڪيو ھوندو اھو ماءُ جي جگر پڇجي . هيڏاهن شهزادو ميدانِ جنگ ڏانهن وڃي رهيو ھو، هوڏانهن مولا حسين ع ٽي مقامن تي زمين تي ويھي رھيا کين مستورات سھارو ڏنو   .

تاريخ ۾ درج آھي ته شهزادو ايئن وڙهيو جيئن مولا علي وڙهندو هو سوين يزيدين کي جھنم رسيد ڪري ڇڏيو. جڏهن يزيدين ڏٺو ته هي جوان ايئن قابو ۾ اچڻ وارو ناهي هنن گڏجي حملا ڪيا هڪ ظالم  بڙچي شهزادي جي سيني ۾ ھنئي  جيڪا دل کي پار ڪري چڪي هئي ، شهزادو سنڀالجي نه سگھيو هن گھوڙي جي ڪنڌ ۾ ٻنهي هٿن سان ڀاڪر پائي پاڻ کي زمين تي ڪيرائڻ نه ڏنو ، ظالمن گھيري ۾ آڻي ورتو ته ظلم جي انتها ڪرڻ لڳا جنهن وٽ جيڪو ڪجھه هو مٿس ظلم ڪندا رهيا ڪنهن تير هنيو ، ڪنهن تلوار سان وار ڪيو ، ڪنهن ڀالا هنيا ، ڪنهن گرز هنيا ، ڪنهن پٿر  هنيا ، شهزادي جو جسم ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي ويو هن مولا حسين کي صدا ڏني.

 بابا توتي منهنجو سلام. حسين مولا لاش کڻي کڻي ضعيفي ۾ ويتر ضعيف ٿي چڪو هو ، مولا پٽ جو سر مبارڪ پنهنجي گوڏن تي رکيو . تاريخ لکيو. ته حسين مولا کان اڳ سانئڻ زينب س اڪبر جي مٿان پھتي ھئي ان ڪري ته جوان پٽ آھي حسين  ضعيف آهي متان صدمو برداشت نه ڪري سگھي . ھا حسين مولا پاڻ سنڀالي آسمان ڏانھن منھن ڪري چيو اي منھنجا الله تنھنجو شڪر آھي مان ته امتحان گذاري وٺندس پر شبيهه رسول ع جي قاتلن کي پنھنجو انجام ڏيکارجان

زيارت ِ علي اڪبر ع جو ھڪ جملو آھي ته

اڄ تائين تنھنجي مظلوم پيءَ جا ڳوڙها تنھنجي غم ۾ رڪيا ناھن ! .