شھر مٺي جو علمي ادبي ۽ تاريخي پسمنظر

0
79
شھر-مٺي-جو-علمي-ادبي-۽-تاريخي-پسمنظر-2

تعارف:

 ٿر جو مرڪزي شھر مٺي ھڪ تاريخي شھر آهي. ھي سنڌ جو اھو منفردشھر آهي جيڪو سنڌ ۾ امن رواداري ۽ محبتن جي شھر طور پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو. ھن شھر جي مذهبي رواداري ۽ تصوف جي رنگن ۾ سنڌ جون شاندار روايتون رقص ڪن ٿيون. علم، ادب، آرٽ ۽ موسيقي جي حوالي سان ھي شھر تمام گهڻو شاھوڪار رھيو آهي. ھن شھر جو علمي ادبي حوالي سان ھڪ وسيع پس منظر رھيو آهي. ھن شھر جي اديبن، شاعرن، استادن، ڪلاڪارن شھر کي علم، ادب، آرٽ جي حوالي سان دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ ڏني آهي.

مٺي شھر جو تاريخي پس منظر :

                 مٺي شهر تمام گهڻو پراڻو شهر آهي، جيڪو مائي مٺان پويان مٺي سڏجڻ لڳو. مائي مٺان جي اڏايل هن مٺي شهر جي تاريخ ته لکتي صورت ۾ ايتري نه ٿي ملي، پر ٿر جي ليکڪن اديبن، جن ۾ رائچند راٺوڙ، حاجي محمد دل، وشنداس پٻاڻي لوھاڻو، نوراحمد جنجھي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ ٻين ھن شھر جي تاريخي پس منظر جي حوالي پنهنجن لکيل ڪتابن ۽ مضمونن ۾ مختلف حوالا ڏنا آهن. ناميارو ليکڪ حاجي محمد دل پنهنجي ڪتاب “مٺي جي تاريخ “۾ لکي ٿو ته: مٺان نالي “مائي مٺي “ ذات جي بجيراڻي ھئي، جنهن جو تعلق سينڌلاڻي قبيلي سان ھو. انھي جي نالي پويان ھي شھر مٺي آباد ٿيو. مائي مٺي سينڌل دل جي گھر واري ھئي. مائي مٺان ھڪ سخي فراخ دل عورت ھئي جيڪا ان وقت ايندڙ ويندڙ واٽھڙن کي ماني ٽڪر کارائيندي ھئي ۽ مھمان نوازي ڪندي ھئي. ٿر تي جڏهن ڪلهوڙا دور قائم ھو انھي دور ۾ ڪڇ مان هڪ الله لوڪ ٻاوو پربت گر گوسوامي 1750ع ڌاري اتان لڏي پهريان هوٿير جي ڀر اچي ويٺو ۽ پوءِ اتان لڏي اچي هاڻوڪي مٺي شهر، جيڪو ڪنهن وقت ننڍڙو ڳوٺ هو، تنهن جي وڻن جي جهڳٽي يعني هاڻوڪي چوهٽي کان ڏکڻ اولهه ۾ اچي آباد ٿيو، جتي سندس مڙهي اڄ به آباد آهي. انهن ڏينهن ۾ هڪ طرف پربتگر جا مريد خاص طور تي لوھاڻا برادري جا ماڻھو ھن شھر ۾ آباد ٿيا ته ٻي طرف مائي مٺان پاران کڻايل کوهه جي مٺي پاڻي ۽ سندس مهمان نوازي جي ڪري ماڻهن ھتي اچڻ شروع ڪيو ۽ اھڙي ريت مٺي جو شهر اڏجڻ ۽ آباد ٿيڻ جي شروعات ٿي.

مٺي شھر ۾ آباد ذاتيون :

مائي مٺي جو تعلق بجيرن جي سنڌلاڻي قبيلي سان هو ۽ انھن جا اصلوڪا گھر اڄ به مٺي ۾ آباد آهن. بعد ۾ مھراج ۽ مھيشوري برادرين جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪري مٺي ۾ آباد ٿيا. جڏھن ته مٺي ۾ بجير حجام، ڪنڀار، مڱڻهار، سوٽھڙ، کتري، ٻاوا اھي ذاتيون آهن جيڪي ھتي اصلوڪا آبا ٿيل آهن. انھن ڏينھن ۾ ميگھواڙن جي ٻڙھيا نک جا ڪجھه گھر آباد ھئا. اهڙي ريت مٺي شهر شروع ۾ 1700ع جي آخر تائين ننڍڙو ڳوٺ ھو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ايڏي وڏي آبادي يا واپاري سرگرمي نه هئي. 1800 جي شروعات ۾ هرداس ڀڳت جي اڳواڻي ۾ برهمڻ مھراج مهيشوري اچي آباد ٿيا، جن جي ڪري شهر وڌڻ لڳو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ھن شھر جي آبادي لڳ ڀڳ ڏھ ھزار ھوندي ھئي. بعد ۾ شھر ۾ ٻيون ذاتيون جھڙوڪ: درزي، لوھار، ميگھواڙ، ڪولھي آباد ٿيون. بعد ۾ ٻھراڙين کان ڪجھه مسلم ڪميونٽيز لڏي ھتي مٺي اچي آباد ٿيون. ھن وقت آبادي جي لحاظ کان مٺي شھر ۾ وڌ ۾ وڌ ميگھواڙن، لوھاڻن، مھيشورين، سوٽھڙن ۽ بجيرن جا گھر آباد ٿيل آھن. ھن وقت شھر جي آباي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک آھي.

شھر جي ترقي ۾ مکي لکميچند ۽ رئيس آچار خان جو ڪردار:

ايوبي دور ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون ھيون ۽ انھي وقت ٽائون ڪميٽي جو چئرمين رئيس آچار خان بجير کي چونڊيو ويو ھو. آچار خان بجير شھر جو معزز شخص ھو، جنھن پنھنجي دور ۾ سٺا ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا. رئيس آچار خان جي جتي ناماچاري ھئي اتي ھن جي اوطاق تي راڳ رنگ جون محفلون پڻ ٿينديون ھيون. مکي لکميچند جو ڪردار پڻ ھن شھر جي ترقي لاءِ لاڀائتو رھيو ھو. انھي دور ۾شھر مٺي جا ننڍا وڏا مسئلا مکي لکميچند ۽ رئيس آچار خان حل ڪندا ھئا. ھن شهر کي 1990ع ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو مليو ۽ درمحمد ڀٽي پهريون ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. بعد ۾ عبدالقادر منگي ٿرپارڪر جو ڊي سي مقرر ٿيو ھو، جنھن 1992 ع ۾ مٺي ۾ ٿر سيمينار ڪرايو ھو.

شھر مٺي ۾ آباد ذاتين جا ڌنڌا ۽ ھنر :

شھر مٺي ۾ ھٿ جي ھنرن جھڙوڪ: گج، رلي ٺاھڻ، ڀرت ڀرڻ جو ڪم تمام بھتر نموني ڪيو وڃي ٿو. اھو ڪم اڪثر ميگھواڙ ڀيل ڪميونٽيز ۾ ٿئي ٿو. شھر ۾ رڱاوت جو ڪم پڻ ٿيندو رھي ٿو. ھتي رڱاوت جا پنج وڏا ڪارخانا موجود آھن. اھو رڱاوت جو ڪم کترين جي گھرن ۾ ٿئي ٿو. مٺي شھر ۾ سوٽھڙ ڪميونٽي پاران جديد فرنيچر ۽ ڪاٺ مان ھندورا، ھنا، پاکڙا ٺاھڻ جو ڪم پڻ ڪيو وڃي ٿو. لوھار لوھارڪو ڪم ڪن ٿا. شهر اندر پڪن رستن جو ڄار وڇايل آهي. ٻاهريان باءِ پاس ٺهيل آهي. شهر کي ڊجيٽل فون، وائرليس، سليولر فون سان انٽرنيٽ جو ڳانڍاپو پڻ مليل آهي.

مٺي شھر جون درگاھون ۽ عبادت گاھون :

هن شهر ۾ ڪافي مسجدون، مندر، امام بارگاهون ۽ ڪليسا پڻ آهن. ان کان سواءِ ڪافي درگاهون ۽ آستانا آهن، جن تي ميلا لڳندا ۽ ڏهاڙا ملهايا ويندا آهن. انهن ۾ مصري شاھ، ڪنڊل شاهه، جمال شاھ، عالي شاھ، حسين شاهه، بچل شاھ، هرداس ڀڳت ۽ ٻيا مشهور آھن. ھي شھر جيڪو ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو، هن وقت ھن شھر جي آبادي اٽڪل ڏيڍ لک آهي.

مٺي شھر جون نامورشخصيتون

ھن شھر پنهنجي مختلف دورن ۾ وڏا وڏا ماڻھو پيدا ڪيا، جيڪي اڳتي ھلي سنڌ جي سڃاڻپ بڻيا. ھن شھر ۾ جنم وٺندڙ نامور ھستين م ڀڳت کيمچند آسناڻي، پروفيسر شامداس جوشي، ڪسلو مل ماڻڪاڻي، ڀاڳچند ڪوٽڪ، راڻومل ملاڻي، پروفيسر ريجھومل ڪرشناڻي، مکي لکميچند، مکي لڌارام، جڳديش ملاڻي، سيٺ سنڀومل پرڌاناڻي (ايم ايل اي)، پرڀداس امر مھيش ملاڻي، ولي رام ولڀ، ساجن داس چنداڻي، روچيرام وڪيل، حاجي محمد دل، آسن داس بختاڻي، ھيمنداس چنداڻي، ماما وشن ٿري، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، نندلال مالھي، کاٽائو جاني، صادق فقير، رجب فقير، تاراچند راٺي، ڀڳت ماتورام، تاراچند واسو، الھڏنو بجير، عباس فقير، شنڪر ساگر، ڪرشن شرما، ڊاڪٽر کاٽائومل، دليپ ڪوٺاري، ڀڳت ھيرو، امولک نائي مٺي جا اھي نالا آهن جن مٺي جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ آرٽ جي حوالي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. انھي کان علاوه لطيف جو راڳي موھن ڀڳت، لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي، راڳي عارب فقير، حسين فقير، ٻڍو فقير، صادق فقير، ڪريم فقير، نامور ليکڪ شاعر اديب سائينداد ساند، فقير مقيم ڪنڀار، پريم شواڻي، نوراحمد جنجھي، وسند ٿري، پيارو شواڻي، پرتاب شواڻي، خليل ڪنڀار، چمن ٿري، نصير ڪنڀار، زوار فقير، جئديو جوشي اپاڊيا، دليپ دوشي ھن شھر ۾ رھائش پذير رھيا آھن. اھي نالا علمي ادبي ۽ آرٽ جي حوالي سان شھر جي سڃاڻپ بڻيا.

شھر مٺي موسيقي جي حوالي سان شاھوڪار شھر رھيپو آھي. موهن ڀڳت جو پُٽ شنڪر ڀڳت لطيف جون وايون پنهنجي مُنفرد انداز ۾ ڳائي ٿو. تڏهن مٺيءَ جون سموريون ڀِٽون سُرن سان واسجي وڃن ٿيون. مٺيءَ جي گڍيءَ واري ڀِٽ سراپا سونهن آهي. هِن ڀِٽ تان شهر مٺيءَ جو خوبصورت منظر پسجي سگهجي ٿو. مٺي گڍيءَ جي اوٽ ۾ سنڌ جو امر راڳي موهن ڀڳت پڻ مدفون ٿيل آهي. ساڳي ريت مٺي جي اوڀر ڏکڻ طرف ڀڳت هرداس جي سماڌي آهي. جتي هر سال بڊي جي چنڊ تي ڌام ڌوم سان هڪ ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي. مٺي شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف سنڌ جو محبوب راڳي صادق فقير پڻ مدفون ٿيل آھي. (حصو پهريون)