شھر مٺي جو علمي ادبي ۽ تاريخي پسمنظر

0
32
شھر-مٺي-جو-علمي-ادبي-۽-تاريخي-پسمنظر-2

مٺي شھر  جي تاريخ جا ڪجھ اھم حوالا

  ٿر  ۾ قديم زماني ۾ جيڪي ننڍيون ننڍيون خودمختيار رياستون قائم ٿيل ھيون انھي دور ۾ مٺي شھر  ۾نرا سوڊا (راجپوتن ) جي ھڪ رياست  ھجڻ جو ھڪ حوالو پڻ ملي ٿو  ميرن پنھنجي حڪمراني دوران ٿر ۾مختلف ھنڌن تي قلعا ٺھرايا ھئا. 1789ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر مٺي شھر ۾ ھڪ قلعو ٺھرايو ھو جنھن جا ڦٽل نشان اڄ به  گڍي ڀٽ تي موجود آھن. مٺي جي شھر جي تاريخ  متعلق جيتوڻيڪ ڪا حتمي لکت موجود ناھي پر ٿر جي محققن ليکڪن جي مضمونن ڪتابن  ۾ لکيل ڳالھين ۽ وڏڙن جي چيل ڳالھين جي روشني ۾ مختلف حوالا ملن ٿا ته مٺي شھر ڪيئن اڳتي اسريو.  ٿر جا ڪجھھ دوست مائي مٺي جي ڪنڀارڻ ھجڻ جو حوالو پڻ ڏين ٿا پر سائين حاجي محمد دل ۽ ڪجھھ ٻين ليکڪن مائي مٺي کي  ذات جي بجيراڻي ھجڻ جو حوالو. ڏنو آھي.

مٺي شھر ۾ رواداري جارنگ

                 ڀائيچارو رواداري، امن محبت هن شهر جي سُڃاڻپ رهي آهي.شاندار سيڪيولر روايتن ۽ محبتن کي فروغ ڏيندڙ ھن شھر مٺي ۾ هندو ۽ مُسلمان ڀائر عيد، هوليون، ديواليون ۽ ٻيا مذهبي تهوار گڏجي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن.مٺي شھر  ۾ انفراديت جا توهان کي انيڪ رنگ نظر ايندا. سانجھي ٽاڻي مٺي شھرجي مندرن جھڙوڪ ڪرشنا مندر ، شوالا مندر ، سنتوشي  مندر ۾ ڀڄن ڳايا وڃن ٿا ۽ صوفياڻا ڪلام ڳايا وڃن ٿا. ھولي جي موقعي تي پلي ڪڍي ويندي آھي. مٺي شھر جي رواداري ۽ ڀائيچارو دنيا لاءِ ھڪ مثال پڻ آهي جو ھتي مٺي ۾ اڄ به ايئن ٿيندو آهي جو ھتان جا ھندو مسلمان ڀائر خوشين جا تھوار( عيد ڏياري ھولي جا تھوار) رواداري جي جذبي تحت گڏجي سڏجي ملھائن ٿا۽ ھڪٻئي جي ڪاڄن رسمن شادين غمين ۾ شرڪت  پڻ ڪندا آهن .ھي سنڌ جو اھو شھر آهي جتي جا اڪثر ھندو جاتي جا ماڻهوَ محرم جي مھيني ۾ ڏھھ ئي ڏينهن غمِ  حسين ۾ ڪارا ڪپڙا پائي  نياز ننگر جون ديڳون لھرائي ورھائيندا آهن. ۽ ڏھ ئي ڏينهن انھن جي اکين ۾ ڪربلا جي شھيدن جو غم واسو ڪندو آهي. شھر مٺي ۾ مولوي قاسم درس جي ڀائيچاري ۽ رواداري جو ڪو مٽ ئي ڪونھي  جو ھو ٻانگ ڏيڻ مھل چوندو ھو ته ھندو مسلم سڀني جو خير ھجي.

شھر مٺي جون علمي ادبي سرگرميون

شھر مٺي علمي ادبي سرگرمين جو مرڪز پڻ رھيو آهي. مٺي شھر ۾ 1960ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪن ۾ ٿر ثقافتي سُوسائٽي،  مٺي ويلفيئر ايسوسيئشن سنڌي ادبي سنگت، ٿر ويلفيئر ڪائونسل، ساٿي ٻارڙا سنگت، موهن ڀڳت آرٽ اڪيڊمي  ڪارونجھر آرٽس ڪائونسل ۽ مٺي جي ٻين علمي ادبي ۽ مذهبي تنظيمن طرفان اسٽيج ڊراما، ثقافتي پروگرام ۽ ڌرمي اسٽيج ناٽڪ وڏي پئماني تي ٿيندا هئا. 1960ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ ڊرامه نويس حاجي محمد دل تاراچند راٺي، ڀيم سُوٽهڙ، حاجي محمد دل سائينداد ساند،  شنڪرساگر۽ ٻين ليکڪن جا ڪيترائي اسٽيج ڊراما مٺيءَ شهر ۾ ٿيندا رهيا. مٺيءَ ۾ مختلف وقتن تي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان ٿينديون رهيون.1980ع جي ڏھاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ کي سرگرم ڪيو ويو. انھي دور ۾ موھن لال آسناڻي نندلال مالھي  ادبي سنگت جا روح روان ھيا.  شهر مٺيءَ ۾ اڄ به علمي، ادبي ڪچهريون مختلف وقتن تي ٿينديون رهن ٿيون. ھن وقت ادبي سنگت لوڪ سنگيت آرٽ اڪيڊمي ۽ ٻيون تنظيمون سرگرم آھن جيتوڻيڪ هن شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ توهان کي اين جي اوز جون آفيسون پڻ نظر اينديون ۽ ڪيترائي اين جي اوز جا دوست پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف نظر اينداپرمٺيءَ جي ادبي ذوق رکندڙ دوستن پنهنجون گونان گون ادبي سرگرميون ڪونه ڇڏيون آھن. ھن وقت عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيمن طرفان ھتي اسٽڊي سرڪل پڻ ٿيندا رھن ٿا مٺي ۾ ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي اوطاق ۽ ڪيفي ٿر تي علمي ادبي گڏجاڻيون پڻ ٿينديون  رھن ٿيون.
شھر مٺي جا ڪجھھ زنده دل ماڻھو

مٺي شھر ۾  سماجي حوالي سان مگھو ساھھ جو ڪردار  وسارڻ جوڳو ناھي.  مٺي جي زندھ  دل ماڻھن ۾ ھڪڙو ڪردار سيٺ ڪرمچند  جو پڻ آھي جنھن 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ٿر واسين لاءِ ٽرانسپورٽ   جي سھولت مھيا ڪري ڏني. شھر مٺي ۾ ماما وشن ٿري جو  سماجي ڪم مٺي واسين لاءِ وڏي وٿ آھي ھو مٺي ۾ بلڊ بئنڪ ذريعي ھزارين ماڻھن کي رت ڏيڻ ۽ ماڻھن جون زندگيون بچائڻ جو نيڪ ڪم ڪري ٿو. 1970ع کان 1990ع جي وچ وارن ڏھاڪن ۾ مٺي ۾ جڏھن ڪي صحت جون سھولتون ميسر ٿيل نه ھيون انھي دور ۾ ڊاڪٽر قيمت لوھاڻو مٺي واسين لاءِ ميسيحا بڻيل ھو.  اھڙي ساڳي ريت سيٺ پارومل کتري جو ھڪ بھترين واپاري حيثيت سان نالو ڳڻائڻ جھڙو آھي
شھر مٺي جااسڪول ۽ڪاليج

ھن شھر ۾  ھڪ سرڪاري بوائز ڪاليج  ھڪ سرڪاري گرلز ڪاليج 2 سرڪاري ھاءِ اسڪول 2 سرڪاري گرلس ھاءِ اسڪول  لڳ ڀڳ 20 پرائمري گرلز بوائز اسڪول  ۽ لڳ ڀڳ ڏھھ پرائيويٽ اسڪول موجود آهن. مٺي شھر جي تعليمي ادارن ۾ ھڪ بھتر تعليمي نظام آھي.

مٺي جا ڪجھھ مسئلا

ھن شھر ۾ روڊ رستا بھتر ٺھيل آھن پرشھرجي مختلف محلن ۾گندي پاڻي جون ناليون مُڪمل ٽُٽي ويون آھن هن شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جا مسئلا سنڌ جي ٻين شھرن جيان ساڳيا آھن. شھر کي ملندڙ واٽر سپلاءِ جو پاڻي مھيني ۾ صرف ھڪ دفعو ڏنو ويندو آهي. هن شهر ۾ ڪيترن ئي محلن ۾ بجلي جي گهٽ وولٽيج  ۽ اڪثر بجلي جا ٽرانسفارمر سڙڻ جا مسئلا پُڻ موجود آهن. پر غريب شهرين جي ڪوبه دانهن فرياد ٻُڌڻ وارو ناهي. شهر جي صارفين کي بجلي جا ٻيڻا بل ڏنا وڃن ٿا.  مٺيءَ جي واپاري ايسوسيئيشن مقامي مسئلن تي اڪثر خاموش بڻيل رھي آهي. مٺيءَ ۾پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو هجي، روڊ رستن جي حالت خراب هجي يا وري گندگيءَ جو آزار هجي، شهر ۾ ڪي سماجي مسئلا ٿيندا هجن يا وري صحت، تعليم جا مسئلا هجن پر وارپاري ايسوسيئشن جي ايجنڊا تي ڪڏهن به اهي مسئلا زير بحث نه آيا آهن. مٺيءَ شهر جي پبلڪ لائبريري (شاهه لطيف لائبريري) پُڻ زبون حال جو شڪار آهي.

مٺي شھر لاء ڇا ٿيڻ گھرجي؟

  1.شهر مٺيءَ لاءِ ترقياتي پلان جوڙي رولڙي جو شڪار بڻيل ترقياتي ڪم مڪمل ڪرايا وڃن،

  1. شھرجي ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي، ۽ نالين جي پڻ مرمت ڪرائي وڃي  3.  شهر مٺيءَ ۾ صفائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي،.

4.شهر مٺيءَ جي گڍيءِ واري ڀِٽ تي زبون حال بڻيل پارڪ کي بھتر بڻائي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، گڍي ڀٽ  تي ريسٽورينٽ بڻائي سياحن لاءِ سھولتون فراھم ڪيون وڃن

5.شهر مٺيءَ ۾ هر هفتي مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ۽ ماڻهن کي مليريا ۽ ڊينگي کان بچايو وڃي.

  1. مٺيءَ جي سرڪاري اسپتال (سول اسپتال) ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن،
  2.   مٺيءَ شهر ۾ بجلي جي گهٽ وولٽيج جو نوٽيس ورتو وڃي،
    8.شهر جي مقامي مسئلن جي حل لاءِ چونڊيل نمائندن کي پننھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.(پورو ٿيو)