شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جڙيل شاهه مسجد ڀرسان ٻه ڪار سوار ھٿياربند 5 ڪلاس جي شاگرد جواد پٺاڻ کي مبينا اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته گئس آفيس ڀرسان ڪار مان بريڪر وٽان نينگر ٽپو ڏئي پاڻ کي بچائي ھٿياربندن کان ڀڄي گهر پهتو، واقعي کان پوءِ شهر ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، شھرين پوليس کان معاملي جي انڪوائري ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.