شھدادڪوٽ(رپورٽر)پراونشنل ھاءِ ويز ڊويزن لاڙڪاڻو پاران من پسند ٺيڪيدارن کي ڪم ڏيڻ ۽ شھدادڪوٽ جي ترقياتي ڪمن ۾ ڪوڙن بلن ذريعي اربين رپين جي مبينا ڪرپشن خلاف ترقي پسند پارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، محمد علي منڱريو، فاروق چاوڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سڄو شھر تباھ ۽ کنڊر بڻجي چڪو آھي، پراونشنل ھاءِ ويز پاران اربين رپين جا ٽينڊر ڪيا ويا آھن پر انجنيئر ۽ ٽينڊر ڪلارڪ ڪم ڪرائڻ بجاءِ ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙن بلن ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن، ھنن سنڌ حڪومت، نيب ۽ ٻين اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو ته انجنيئر ۽ ٽينڊر ڪلارڪ خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي.