شھدادڪوٽ (رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شھدادڪوٽ جي گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول جي ٽيچرز جو ھيڊ ماسترياڻي خلاف اسڪول اندر احتجاج، وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو الزام، صحافي ۽ سوشل ورڪر يرغمال، هيڊ ماسترياڻي مين گيٽ بند ڪرائي پوليس ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گهرائي ورتو، شاگريادياڻين ۾ خوف هراس، خبر موجب گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول جي ٽيچرز ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر خلاف اسڪول اندر احتجاج ڪيو، ھيڊ ماسترياڻي ڪوريج لاءِ پھتل صحافين، سوشل ورڪرز زيب سنڌي ۽ ثناءُ الله عباسي ۽ احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين لاءِ اسڪول جي مين گيٽ بند ڪرائي پوليس ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گهرائي ورتو، پوليس پھچڻ تي اسڪول جي شاگريادياڻين ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گل کھاوڙ جي اچڻ تي اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي ۽ احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ان موقعي تي ٽيچرز تسليم سيلرو، صفيا ميراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن گل کھاوڙ اسڪول جي وزٽ ڪرڻ بھاني اسڪول جي ٽيچرز جون ويڊيوز ڀري وڃي ٿو، اسڪول جي ليڊي ٽيچرز جي پردي جو ڪو به خيال نه پيو رکيو وڃي، هنن چيو ته گل کھاوڙ پاڻ سان گڏ 10 کان 12 غير واسطيدار ماڻهو وٺي اچي گرلز ھاءِ اسڪول جو ماحول خراب ڪري رھيو آهي، اسين پرديدار ۽ پردي واريون عورتون آهيون، ھنن اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر ۽ اسڪول جي ڪلارڪ سنيل ڪمار مٿان الزام لڳائيندي چيو ته ھيڊ ماسترياڻي جي آفيس ۽ ڪلارڪن جي آفيسن مان ٽيچرز جون ويڊيوز ٻاھرين ماڻهن ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن ڏانهن واٽسپ ڪيون پيون وڃن ۽ غير واسطيدار ماڻهن سميت مختلف واٽسپ گروپن ۾ وائرل ڪيون ٿيون وڃن، اسان سان گڏ شاگردياڻيون به غير محفوظ آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر ۽ ڪلارڪ سنيل ڪمار کي فوري طور ھٽايو وڃي.