شھدادڪوٽ (رپورٽ: اسحاق بوزدار) شھدادڪوٽ ۾ پي پي ايچ آءِ سينٽر ۾ ويم لاءِ آيل ڳوٺ شاهه جي لئو واسڻ مسمات شاهدهه مگسي کي سينٽر ۾ موجود ليڊي ڊاڪٽر افسانا سيلرو سڄو ڏينهن رلائڻ بعد ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، متاثر عورت پي پي ايچ آءِ سينٽر ڀرسان ٽائون هال جي پٽ تي ويم ڪرڻ لاءِ تڙپندي رهي، ان ڏس ۾ عورت سان گڏ آيل سعيدهه، ماروي ۽ اسماعيل مگسي ٻڌايو ته اسان مسڪين آهيون، پئسا نه هئا، پئسا پٽ سٽ ڪرڻ وياسين ته پويان ليڊي ڊاڪٽر ويم ڪرائڻ بدران عورت کي ڌڪا ڏئي پي پي ايچ آءِ سينٽر مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، جيڪا سينٽر ٻاھران تڙپندي رهي، هنن پي پي ايچ آءِ سنڌ جي ڊائريڪٽر، ڊي ايچ او قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊاڪٽر افسانا سيلرو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ڊاڪٽر افسانا سيلرو رابطو ڪرڻ تي چيو ته عورت جي ڊليوري ۾ 12 ڪلاڪن جي دير هئي، جنهن ڪري کيس گهر وڃڻ جو چيو، ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي، هوڏانهن ميڊيا جي پهچڻ بعد پي پي ايچ آءِ انتطاميا عورت کي سينٽر ۾ داخل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ميڊيا جي اچڻ تي سينٽر انتظاميا عورت کي اندر وٺي وئي ۽ داخل ڪيو، ٻئي پاسي معاملي جو ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ سجاد حيدر قادري نوٽيس وٺندي ليڊي ڊاڪٽر افسانا سيلرو کي معطل ڪري سندس پگھار بند ڪرڻ ۽ مئنيجر فھد جاگيراڻي کي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.