شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ھفتو اڳ سي آءِ اي هٿان مبينا وحشياڻي تشدد سبب زخمي ٿيل نوجوان فرزند رند ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي نوجوان جي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، نوجوان جي وارثن ڪائونسلر محمد ياسين رند ۽ ٻين چيو ته هفتو اڳ سي آءِ اي انچارج منظور چانڊيو، اھلڪارن امام بخش چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ الطاف چانڊيو قبو سعيد خان روڊ تي سنوڪر ڪلب تي ويٺل فرزند رند کي بنا جواز کنڀي وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ھو، هنن چيو ته نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچي کڻائي وياسين جتي هو فوت ٿي ويو، هنن چيو ته نوجوان کي پوليس ماريو آهي، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.