شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٻوڦو جمالي ۾ سيف جي دعا سيڪنڊري اسڪول جي ليڊي ٽيچر آپريٽر نثار جمالي تي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ هراسان ڪرڻ جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ليڊي ٽيچر نيلوفر جروار دانهيندي چيو ته سيف اسڪول جو آپريٽر نثار احمد جمالي اسڪول جي ماسترياڻين کي هراسان ڪري رھيو آهي، هن چيو ته اسڪول جي استادن ۽ ماسترياڻين جي پگھار 18 ھزار مقرر ٿيل آهي پر آپريٽر ڪٽوتي ڪري رڳو 10 ھزار ڏئي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته هيڊ ماستر سميت آپريٽر نثار جمالي جون 4 نياڻيون ٽيچرز ڄاڻايل آهن جيڪي گهر ويٺي پگھار کڻي رهيون آهن، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت خراب ٿيڻ تي موڪل ڪئي ته آپريٽر ڌمڪيون ڏنيون ۽ گهٽ وڌ ڳالهائي هراسان ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي آپريٽر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.