شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ پوليس اهلڪار پاران ٻن ڳوٺاڻن کي کنڀي سخت تشدد، وارثن جو احتجاج، اهلڪار ڪوارٽر گھاٽ، خبر موجب شھدادپور ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار ڳوٺ ابراهيم  جکرو واسي ٻن ڳوٺاڻن کي مبينا کنڀي سخت تشدد ڪرڻ خلاف جکرا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي رفيق جکرو، عرفان جکرو، رزاق جکرو چيو ته پوليس اهلڪار امجد ڀنڀرو ٻن ڄڻن خالق جکرو ۽ شوڪت جکرو کي بنا جواز گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي لاڪپ ڪيو ۽ موبائيل فون ۽ پئسا ڦر ڪري ورتا، ٻئي طرف ايس ايس پي سانگهڙ معاملي جو نوٽيس وٺندي الزام هيٺ آيل اهلڪار امجد ڀنڀرو کي ڪوارٽر گهاٽ ڪرائي ڇڏيو.