شھدادپور (رپورٽ: عبدالحميد کوسو) شھدادپور ۾ مسجد اندر مولوي جي کٿابي سان مبينا بدفعلي، ڪيس داخل، مولوي گرفتار، خبر موجب شهر جي نصيب نگر پاڙي ۾ ٻارن کي پاڪ ڪتاب پڙهائيندڙ مولوي خالد مغيري مسجد اندر 13 ورهين جي کُٿابي حسنين ڪوري کي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو، نينگر جي رڙين تي وارث پهچي ويا، پوليس نينگر جي امڙ مسمات حرمت جي فرياد تي ايف آءِ آر درج ڪري ورتي، فريادڻ موجب سپارو پڙھڻ لاءِ ويندڙ پٽ واپس نه موٽڻ تي وڃي ڏٺوسين ته مسجد جي اسٽور اندر جوابدار مولوي خالد مغيري کيس بدفعلي جو نشانو بڻائي رهيو هو، پوليس ڪارروائي ڪندي الزام هيٺ آيل جوابدار مولوي خالد مغيري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر ڪرم انصاري ٻڌايو ته جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو، جڏهن ته ٻنهي ڄڻن جي ميڊيڪل چڪاس پڻ ڪرائي ويندي.