شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت جهيڙي ڪيس ۾ 13 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، مقصودو رند ٿاڻي تي داخل جهيڙي ڪيس ۾ جي 13 جوابدارن ستار، شريف، فقير محمد، علي مردان، مير محمد، بُلندو، ساماڻو، شفيع محمد، فتح محمد، مشتاق، غلام حسين، رضا محمد ۽ صداقت رند پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواستن تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج محمد عابد راجپوت جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت دليلن بعد جوبدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ ڳوٺ دائم حاجاڻو ۾ رند ۽ حاجاڻا برادري ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.