شھدادپور ۾ تعليم جي ترقي: ٻار پڙهي ويا گرلز اسڪول ۾ گڏهه “داخل”

0
34
شھدادپور ۾ تعليم جي ترقي: ٻار پڙهي ويا گرلز اسڪول ۾ گڏهه “داخل”
شھدادپور ۾ تعليم جي ترقي: ٻار پڙهي ويا گرلز اسڪول ۾ گڏهه “داخل”

شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ۾ ليبر کاتي جي صوبائي وزير جي تڪ ۾ گرلز اسڪول گڏهن جي آماجگاهه بڻيل، نياڻين جي تعليم تباهه، انتظاميه پاران هڪ هفتي اندر ٻيهر اسڪول بحال ڪرڻ جي دعويٰ، خبر موجب شھدادپور مان چونڊيل پ پ ايم پي اي ۽ صوبائي وزير شاهد سلام ٿهيم جي تڪ جي اسڪولن جي حالت تمام خراب ٿي وئي آهي، ڳوٺ رئيس بروهي جو گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول گڏھن جي واڙي ۾ تبديل هجڻ ڪري اسڪول کي ورهين کان تالا لڳل آهن، جتي ڪا به ماسترياڻي مقرر نه ھئڻ ڪري آسپاس جي ڳوٺن جي نياڻين جي تعليم تباھ ٿيل آهي، جڏهن ته اسڪول مڪمل طور تي زبون حالي جو شڪار آهي پر تعليم کاتي جي ڪامورن توڙي چونڊيل نمائندن کي اسڪول جي حالت تي ڪو به رحم نه پيو اچي، ان حوالي سان مقامي ڳوٺاڻن ادريس بروھي، ڪاشف بروھي، مولا بخش بروھي ۽ ٻين موجب 2 سال اڳ پڙهائيندڙ ماسترياڻي رٽائرڊ ٿيڻ بعد اسڪول مڪمل طور بند ٿي ويو آهي، اسڪول کي تالا هجڻ ڪري اڍائي سئو نياڻين جي تعليم متاثر آهي، نتيجي طور سندن مستقبل داءُ تي لڳل آھي، اسڪول مڪمل ڀوت بنگلي ۾ تبديل ٿيل آهي، اسڪول ۾ گڏھ ٻڌل ۽ ڪاٺيون پيل آھن، ڳوٺاڻن موجب اسڪول ۾ ڪا به سهولت ناھي، آفيسرن کي بار بار شڪايت ڪئي پر ڪو به تدارڪ ناھي ٿيو، ڳوٺاڻن تعليم واري وزير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر ڪري سندن معصوم نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي.

ايجوڪيشن ورڪس کي عمارت جي مرمت لاءِ لکيو آهي: ٽي اي او فيميل

شھدادپور: روزاني پنهني اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٽي اي او فيميل ارم عتيق ٻڌايو ته ايجوڪيشن ورڪس کي عمارت جي مرمت لاءِ لکيو آهي، ماسترياڻي جي مقرري لاءِ ڊائريڪٽر کي بار بار ياد دهاني باوجود استادياڻي جي مقرري نه ٿي سگهي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته هڪ هفتي اندر اسڪولي جي ٻيهر بحالي لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون.

اسڪول ۾ گڏهه ٻڌل هجڻ سان تعليم کاتي جي پت وائکي ٿي چڪي: معزز

شھدادپور: علائقي جي معززن چيو ته اسڪول ۾ گڏھ ٻڌل هجڻ سان تعليم کاتي جي پت وائکي ٿي وئي آهي، تعليمي ادارن سان اهڙي ظلم سان معصوم شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ سان گڏ سماج ۾ خراب تاثر ويندو، تعليم کاتي کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ اسڪولي عمارتن جي سار سنڀال لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن.