شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ مسجد اندر مولوي پاران 13 ورهين جي کٿابي نينگر سان بدفعلي واري ڪيس ۾ ڊي اين اي ميچنگ لاءِ جوابدار ۽ متاثر نينگر جا جزا ورتا ويا، پوليس ڪسڊي ٿيل الزام هيٺ آيل جوابدار مولوي خالد مغيري ۽ متاثر نينگر حسنين ڪوري کي سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر ميڊيڪل چڪاس لاءِ ٻنهي ڄڻن جا جُزا ورتا. جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر ڪرم انصاري ٻڌايو ته بدفعلي ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي، پهرين مرحلي ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جُزا وٺي ڄامشورو ليبارٽري موڪليا آهن، پوليس دعويٰ ڪئي ته جوابدار جاچ دوران بدفعلي جو اعتراف پڻ ڪيو آهي ته هُن نينگر سان بدفعلي ڪئي آهي، رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو.