شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ قُرباني جا11 ڇيلا چوري، رپورٽ داخل، هڪ ڄڻو گرفتار، خبر موجب عيد ويجهو  ايندي ئي قرباني جا ٻڪر چوري ٿيڻ لڳا، شھر جي بدر ٽائون ۾ اڻڄاتل چور قرباني لاءِ خريد ڪيل واپاري شغل پٺاڻ جا 11 ڇيلا چوري ڪري فرار ٿي ويا،کڙڪ پوڻ تي ڀاڳين پيري ذريعي پيرا کنيا، جيڪي ڳوٺ بچل بوداڻي وٽ گم ٿي ويا، واپاري موجب هن واپار لاءِ 12 قرباني جا ڇيلا خريد ڪيا هئا، جن مان چور 11 ڇيلا چوري ڪري ويا آهن، هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي،